شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!

تحرير: آفتاب عالم مهر

شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!

ڪڏهن شڪارپور کي “ايشيا جو پئرس” چيو ويندو هو. روشن گهٽيون، رنگين بازارون، واپارين جا قافلا، محفلن ۾ خوشي ۽ جوش جو ماحول، پراڻين حويليَن جا در، ۽ ماڻهن جي دلين ۾ لڪل مٺاس، هي سڀ ڪجھ شڪارپور کي دنيا ۾ فن، ثقافت ۽ واپار جو مرڪز بڻائيندو هو. هندوستان، افغانستان، ايران ۽ روس جا ماڻهو شڪارپور جي واپارين کي سچائي، ايمانداري ۽ اعتماد جي علامت سمجهندا هئا. هر گهٽي خوشبوءَ جي مهڪ، هر چوڪ ۾ محبت، هر بازار ۾ سخاوت محسوس ٿيندي هئي. ماڻهو هتي صرف واپار نه ڪندا هئا، پر انساني رشتن، ثقافت ۽ احترام جو سبق حاصل ڪري واپس ويندا هئا. پر افسوس، اهو ئي شهر جيڪو حسن، امن ۽ خوشحاليءَ جو مثال هو، اڄ تباهي، گندگي، خوف ۽ بدحالي جو عبرتناڪ داستان بڻجي ويو آهي. ڀڳل، ٽٽل روڊ شهر جي زخمن جا سڀ کان وڏا نشان بڻجي چڪا آهن. ضلعي شڪارپور شھر جا مين روڊ خطرناڪ حالت جو منتظر پيش ڪري رهيا آهن. شهر ۾ گاڏي هلائڻ ته پري پر پنڌ هلڻ به مشڪل آهي. برسات پوي ته گٽر اٿلي پون ٿا، روڊ ۽ گهٽيون نهرن ۾ بدلجي وڃن ٿيون، بازارون تلائن جهڙيون ٿي وڃن ٿيون، ۽ شهر مڪمل طور تي ٻوڏ جو منظر پيش ڪري ٿو. شھر جي روڊ رستن تي مٽيءَ جو آزار موٽر سائيڪل ۽ گاڏين تي هلندڙ ماڻهو دم جي بيماري، الرجي، ۽ حادثن جو شڪار ٿين ٿا. منهنجي اباڻي ڳوٺ ضلعي شڪارپور جي تاريخي ڳوٺ رِڪ جو اندروني شهر جو روڊ ايترو ڀڳل ٽٽل آهي جو ڏسندي لڳي ٿو ڄڻ ماڻهو ڪنهن شاخ جي ٽاپ مطلب ڪچي سڙڪ تي هلي رهيو هجي. هر روز حادثا، زخمي ۽ فوتگيون معمول بڻجي چڪا آهن. ڇا انهن انساني زندگين جي ڪا قيمت آهي؟ بجلي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو بحران شڪارپور جو مقدر بڻجي چڪو آهي. ڏينهن رات لوڊشيڊنگ، ٽرانسفارمر جي کوٽ، ۽ ناقص وائرنگ ماڻهن جي زندگي مشڪل بڻائي ڇڏي آهي. اسڪول بند، ڪاروبار متاثر، اسپتالن ۾ ايمرجنسي ڪم نه ڪندي. پبلڪ ٽرانسپورٽ تقريباً بند آهي، ۽ ماڻهو ذاتي گاڏين تي ڀاڙي رهيا آهن، جيڪي ڪمزور روڊن ۽ حادثن جا سبب بڻجن ٿيون. پاڻي ۽ صفائي جي صورتحال به انتها درجي جي خراب آهي. شڪارپور جا گهر صاف پاڻي کان محروم آهن، شھري پيئڻ جي پاڻي لاءِ منرل واٽر جون بوتلون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، ٻارڙا ۽ بزرگ بيمارين، دست ۽ بخار ۾ مبتلا آهن، مائرون ٻارن لاءِ روزانو خوف سان منهن ڏين ٿيون. شهر ۾ گندگي، کليل گٽر، ۽ انڪروچمينٽ عام آهي. بازارن ۾ خريد فروخت لاءِ رستو بند آهي، ۽ عام ماڻهو پنهنجو معمول پورو ڪرڻ لاءِ روزانو جنگ ڪن ٿا. صحت جي صورتحال به مايوس ڪندڙ آهي. سول اسپتال شڪارپور کان وٺي بي ايڇ يو ۽ ڊسپينسرين تائين مناسب سهولت موجود ناهي. ڪٿي ڊاڪٽر وقت تي موجود ناھن، ڪٿي دوا غائب، ڪٿي ايمبولينس نه آهي. زندگي جي بچاءُ لاءِ هر قدم ۾ خطرو موجود آهي. انتظاميا جي بي حسي عوام کي مايوسيءَ جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي. شڪارپور جي تعليم جي حالت پڻ دل دھڪائيندڙ آهي. ڪيترائي اسڪول بند آهن، ڪيترائي اسڪول وڏيرن جا مال جا واڙا ۽ اوطاقون بڻيل آهن، ڪيترا اسڪول اهڙا آهن جتي استاد ئي موجود نه آهن. آءِ بي اي پاس ويٽنگ ٽيچرس اميدوار روزگار لاءِ دربدر آهن، اسڪول ۾ ميزون، ڪرسيون، ڪتاب، صاف پاڻي ۽ باٿ روم جي کوٽ آهي. ٻارڙا صبح جو اميد سان اسڪول اچن ٿا ۽ واپس وڃن ٿا دل ۾ مايوسيءَ، هٿن ۾ خالي ڪتابن ۽ ذهن ۾ بي عزتيءَ جو احساس آهي. تعليم جيڪا معاشري جي ترقيءَ جو بنياد آهي، اها شڪارپور ۾ مرده حالت ۾ آهي. منشيات، فحاشي ۽ نوجوان نسل جي تباھي شهر کي ٻيو رخ ڏيئي ڇڏيو آهي. هٿيارن جي زور تي ڏينھن ڏٺي جو موٽر سائيڪل ڦرڻ، دڪانن تي لکين رپين جا ڌاڙا، عورتن تي حملو روز جو معمول بڻجي چڪا آهن. پوليس، جيڪا تحفظ ۽ انصاف جي ضمانت هجڻ گهرجي ھا، اڪثر رشوت وٺندي ۽ سياسي سرپرستي لاءِ ڪم ڪندي نظر اچي ٿي. شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جو نظام مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي. تازو ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ سندس مڙس ڊي ايس پي ظھور احمد سومري تي فائرنگ جو واقعو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي. جيڪي آفيسر پاڻ محفوظ ناهن، اُتي عام ماڻهو ڪيئن محفوظ ٿي سگهن ٿا؟ منڇر شاهه ۾ پوليس مقابلي دوران ننڍيون وڏيون ڦريون ڪندڙ 9 جوابدار مارجي ويا، پر ڇا صرف انهن نون ڏوهارين جي خاتمي سان شهر محفوظ ٿي ويندو؟ يقيناً نه. اصل وڏا ڏوهاري اڃا تائين ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ موجود آهن، جن جي مٿان سردارن ۽ وڏيرن جا ھٿ آهن، جيڪي اغوا، ڀنگ، تاوان، قتل ۽ دهشتگردي ۾ ملوث آهن. جيڪي مغوين جي وارثن کان ڀنگ تاوان وصول ڪرڻ لاءِ مغوين جي ھٿن ۽ پيرن ۾ زنجيرون لڳل وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪن ٿا. شڪارپور جي وڏن سياسي خاندانن جي لاتعلقي پڻ شڪارپور جي تباهي جو سبب بڻيل آهي. اُهي اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن، پر شهر جي مسئلن تي مڪمل خاموش آهن. اُهي صرف چونڊن وقت شڪارپور جا وارث ٿين ٿا، اقتدار ملڻ بعد نه شڪارپور ياد اچي ٿو، نه عوام. شڪارپور جو شهري سماجي ۽ ثقافتي پيغام به ڳالھ ٻولهه ۾ گهٽجي ويو آهي. ڪڏهن جڳ مشهور محفلون، موسيقي ۽ ادب جا پروگرام هتي ٿيندا هئا، پر هاڻي ثقافتي سرگرميون رڪجي ويون آهن. نوجوان پنهنجو وقت غيرقانوني سرگرمين ۾ گذارين ٿا، ۽ انهن جي حقيقي صلاحيتن جو نيڪال ٿي رهيو آهي. تاريخي ماڳ ۽ پراڻيون حويليون مرمت کان محروم آهن، جيڪي تباهه ٿي رهيون آهن ۽ شهر جي تاريخ ۽ ثقافت کي نقصان پهچائي رهيون آهن.شڪارپور ضلعي جو معاشي نظام پڻ ختم ٿي چڪو آهي. واپار گهٽجي ويو آهي، ڪاروبار متاثر ٿي چڪا آهن، ماڻهو بيروزگار آهن، ۽ روزگار لاءِ ٻاهرين شهرن ڏانهن هجرت ڪرڻ تي مجبور آهن. جيڪو شهر ڪڏهن بين الاقوامي واپار جو مرڪز هو، هاڻي اقتصادي بحران ۽ بدانتظاميءَ ۾ ڦاسي ويو آهي. شڪارپور ۾ امن، انصاف ۽ شفافيت جي کوٽ سبب انساني زندگي قيمت نه ٿي رکي. قبيلائي دهشتگردي، اغوا، قتل، ڌاڙا، ۽ تاوان شهر ۾ عام ٿي چڪا آهن. ماڻهن کي پنهنجي زندگي لاءِ ڊڄڻو پوي ٿو. پوليس ۽ ضلعي انتظاميا سياسي اثر ۽ رشوت سبب ڪارروايون ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي. شڪارپور جو ماحول ماڻهن جي ذهني صحت تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. دھشتگردي، خوف، مايوسي، ۽ اڻڄاڻائي ماڻهن جي زندگي تي ڇانو وجهي چڪي آهي. بزرگ، ٻارڙا، نوجوان ۽ عورتون روزانو خطري ۾ آهن، ۽ هر ماڻهو پنهنجي زندگيءَ کي محفوظ رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري ٿو. شڪارپور جي شهريءَ ۾ پڻ جذبو گهٽجي چڪو آهي. ماڻهو شهر جي تاريخ، ثقافت ۽ شناخت کي بچائڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. پر انهن جي اندر اميد اڃا زندھ آهي. شهر جي هر گلي ۾ ماضي جي شاندار يادگار موجود آهن، جيڪي ٻڌائن ٿيون ته شڪارپور هڪ وقت ۾ ڪيترو خوشحال ۽ روشن شهر هو. شڪارپور اڄ به سسڪندي چوي ٿو، “مون کي بچايو، مون کي ٻيهر اهو شهر بڻايو جيڪو ايشيا جو پيرس سڏبو هو.” هي شهر تباھ ناهي، پر تباھ ڪرايو پيو وڃي. روڊن، اسپتالن، اسڪولن، امن امان ۽ ادارن کي بهتر ڪرڻ لاءِ صرف سنجيدگي، ايمانداري ۽ نيڪ نيتي جي ضرورت آهي. شڪارپور کي صرف قبيلائي دهشتگردي، ڦرون ۽ ڌاڙن جي خبرن ۾ بدامني، گندگي ۽ ڪرپشن جي علامت نه بڻايو وڃي. هي تاريخي شهر بچائي سگهجي ٿو، شرط اهو آهي ته اقتدار وارا جاڳن، انتظاميا ايمانداري ڏيکاري، عوام جي سزا بند ٿئي، ۽ شهر کي پنهنجو گهر سمجهي سنواريو وڃي. شڪارپور ڪڏهن ايشيا جو پيرس هو، ۽ جيڪڏهن نيتون صاف ٿين، ته اڄ به شڪارپور ايشيا جو پيرس ٿي سگهي ٿو. هي ڪالم شڪارپور جي شهرين جو آواز، انتظاميا ۽ سياسي خاندانن لاءِ چيلنج، ۽ هڪ ياد ڏيارڻ آهي ته تاريخ، ثقافت ۽ انساني زندگيءَ کي لاپرواهي ۾ نه وڃائجي. شڪارپور جو مستقبل اسان جي هٿ ۾ آهي، جيڪڏهن هاڻي به قدم کنيا وڃن، ته شهر ٻيهر روشن، محفوظ ۽ خوشحال ٿي سگهي ٿو.!