انا جي دٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ

سليم جتوئي

انا جي دٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ

ٽنڊو مستي ۾ پيش آيل المناڪ واقعي جا جڏهن پيرا کڻجن ٿا، تڏهن خبر پوي ٿي ته اهڙن سانحن جو سفر رڳو هڪ ڏينهن يا هڪ هنڌ تائين محدود ناهي، پر صدين جي ذهنيت، سماجي ناانصافي ۽ ظلم جي ڊگهي تاريخ سان ڳنڍيل آهي. هي ڪو پهريون واقعو ناهي، جنهن ۾ ڪنهن عورت کي “ڪاري” قرار ڏئي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هجي. اهڙا دردناڪ هاڃا اسان جي سماج ۾ روز جو معمول بڻيل آهن، جتي عورت جي زندگي اڪثر مرداڻي انا، جاگيرداري سوچ ۽ ڪڌين رسمن جي رحم وڪرم تي ڇڏي ڏني ويندي آهي. سنڌ جي ڌرتي، جيڪا محبت، صوفي ازم، رواداري ۽ امن جي سڃاڻپ رهي آهي، اڄ به ڪيترن علائقن ۾ اهڙين ذهني زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، جتي عورت کي انسان نه پر ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن سماج ۾ عورت جي حيثيت کي گهٽايو وڃي ٿو، تڏهن صرف هڪ فرد نه پر پوري انسانيت زخمي ٿئي ٿي. تاريخ جا ورق ۽ عورت جو استحصال: جيڪڏهن دنيا جي تاريخ جا ورق اٿلايا وڃن ته اڪثر مردن جي بهادري، حڪومتن، جنگين، فتوحات ۽ اقتدار جا قصا لکيل ملن ٿا، پر انهن ئي قصن جي پاڇي ۾ عورت جي قرباني، خاموشي، درد ۽ استحصال جون بي شمار ڪهاڻيون دفن ٿيل نظر اچن ٿيون. مردن جي هر جنگ، هر اقتدار ۽ هر ذاتي مفاد جي پويان عورت جو ڪو نه ڪو ڪردار رهيو آهي، پر تاريخ گهڻو ڪري ان ڪردار کي نظرانداز ڪيو. ادب، فلسفي ۽ سماجي فڪر ۾ به عورت کي يا ته حسن جي علامت بڻايو ويو، يا قرباني جي مورتي، يا خاموش فرمانبردار هستيءَ طور پيش ڪيو ويو. سندس پنهنجي خواهشن، حقن، احساسن ۽ آزاديءَ کي گهٽ ئي اهميت ڏني وئي. تهذيب وڌي، پر سوچ ڇو نه وڌي؟ : اسان پاڻ کي مدبر، تعليم يافته ۽ جديد دور جو ماڻهو سڏيون ٿا، پر عملي طور اڄ به ڪيترن هنڌن تي عورت کي غلام، زر خريد ٻانهي يا خاندان جي “عزت” جو سامان سمجهون ٿا، شايد هر هنڌ ائين نه هجي، پر سنڌ جي ڪيترين ٻهراڙين ۾ حالتون اڃا به ساڳيون آهن. تاريخي حوالن موجب ابتدائي انساني دؤر ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ايتري تفاوت نه هئي. شڪار، کاڌ خوراڪ، بقا ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ٻنهي جو حصو هو. زرعي دؤر ۽ ملڪيت جي تصور کان پوءِ آهستي آهستي مردن وٽ طاقت مرڪوز ٿي، جنهن سان عورت تي پابندين، ڪنٽرول ۽ غلاميءَ جو سلسلو شروع ٿيو. “مذهب، شادي ۽ قانون" جهڙن روايتن ۽ اصولن کي ڪيترن دؤرن ۾ انصاف لاءِ استعمال ٿيڻ بدران عورت کي تابع رکڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويو. اها سوچ اڄ تائين مختلف شڪلين ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ ڪارو ڪاري: زنده انسانيت جو قتل ۽ مرداڻي انا جو جشن: سنڌ ۾ “ڪارو ڪاري” رڳو هڪ رسم ناهي، پر اهو انساني حقن، قانون ۽ اخلاقيات جو کليل قتل آهي. جڏهن ڪو مرد يا عورت پنهنجي مرضي سان شادي ڪري، محبت ڪري، يا خاندان جي مرضيءَ خلاف زندگيءَ جو فيصلو ڪري، ته ڪيترن علائقن ۾ ان جو انجام موت بڻايو وڃي ٿو. هي ظلم گهڻو ڪري ڪوڙي “غيرت” جي نالي تي ڪيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ اها غيرت نه، پر انا، ملڪيت جي سوچ ۽ عورت تي مالڪيءَ جو اظهار آهي. ٽنڊو مستي کان وٺي اڻ ڳڻيا قبرستان: ٽنڊو مستي وارو واقعو اسان سڀني جي ضمير کي جهنجوڙي ٿو، پر سوال اهو آهي ته ڇا هي آخري واقعو آهي؟ هرگز نه. اهڙا ڪيترائي واقعا اخبارن تائين نٿا پهچن. ڪي گهرن جي چوديوارين اندر دفن ٿي وڃن ٿا، ڪي جرڳن ۾ “فيصلا" سڱ چٽين جي شڪل انسانيت جي تذليل جو ڪارڻ ٿيو وڃن، ڪي قبرن جي خاموشي ۽ ڪي وري خاندانن جي انا ۽ ڪوڙي عزت جي ور چڙھيو وڃن ٿا. ڪيترين ئي نياڻين جا خواب گولين سان پروڻ ۽ نوجوانن جا لاش ويران هنڌن تان جھنگلي جانورن جو کاڌ، ۽ ڪيترا ئي والدين پنهنجن ڪلھن تي خوابن، انسانيت ۽ ڪوڙي عزت سان اولاد جا جنازا کڻن ٿا. جرڳو: انصاف يا ظلم جو اوزار؟: سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ اڄ به جرڳو قانون کان مٿي سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته حقيقت ۾ ڪيترائي جرڳا انصاف نه، پر طاقتور ڌرين جي مرضي جو نالو آهن. عورتن کي وني ڪرڻ، ڪاري قرار ڏيڻ، ڏنڊ طور ڏيڻ، يا قتل جي اجازت ڏيڻ جهڙا فيصلا ڪنهن به مهذب سماج ۾ ناقابل قبول آهن. جيستائين قانوني ادارا مضبوط نه ٿيندا، پوليس آزاد نه ٿيندي، ۽ عدالتن تائين عام ماڻهوءَ جي رسائي آسان نه ٿيندي، تيستائين اهڙيون متوازي عدالتون ظلم جو ڪاروبار جاري رکنديون. قانون موجود، تحفظ غائب: اسان وٽ عورتن جي تحفظ لاءِ قانون موجود آهن. آئين به برابريءَ جي ضمانت ڏئي ٿو. عدالتون به حقن جي ڳالهه ڪن ٿيون. پر مسئلو قانون جي موجودگي نه، پر ان تي عملدرآمد جو آهي. جڏهن قاتل بااثر هجن، پوليس خاموش هجي، شاهد ڊڄن، ۽ سماج ظلم کي روايت سمجهي، تڏهن قانون ڪتابن تائين محدود ٿي وڃي ٿو. تاريخ جا ورق ۽ عورت جو استحصال: جيڪڏهن دنيا جي تاريخ جا ورق اٿلايا وڃن ته اڪثر مردن جي بهادري، حڪومتن، جنگين، فتوحات ۽ اقتدار جا قصا لکيل ملن ٿا، پر انهن ئي قصن جي پاڇي ۾ عورت جي قرباني، خاموشي، درد ۽ استحصال جون بي شمار ڪهاڻيون دفن ٿيل نظر اچن ٿيون. مردن جي هر جنگ، هر اقتدار ۽ هر ذاتي مفاد جي پويان عورت جو ڪو نه ڪو ڪردار رهيو آهي، پر تاريخ گهڻو ڪري ان ڪردار کي نظرانداز ڪيو. ادب، فلسفي ۽ سماجي فڪر ۾ به عورت کي يا ته حسن جي علامت بڻايو ويو، يا قرباني جي مورتي، يا خاموش فرمانبردار هستيءَ طور پيش ڪيو ويو. سندس پنهنجي خواهشن، حقن، احساسن ۽ آزاديءَ کي گهٽ ئي اهميت ڏني وئي. تهذيب وڌي، پر سوچ ڇو نه وڌي؟ : اسان پاڻ کي مدبر، تعليم يافته ۽ جديد دور جو ماڻهو سڏيون ٿا، پر عملي طور اڄ به ڪيترن هنڌن تي عورت کي غلام، زر خريد ٻانهي يا خاندان جي “عزت” جو سامان سمجهون ٿا، شايد هر هنڌ ائين نه هجي، پر سنڌ جي ڪيترين ٻهراڙين ۾ حالتون اڃا به ساڳيون آهن. تاريخي حوالن موجب ابتدائي انساني دؤر ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ايتري تفاوت نه هئي. شڪار، کاڌ خوراڪ، بقا ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ٻنهي جو حصو هو. زرعي دؤر ۽ ملڪيت جي تصور کان پوءِ آهستي آهستي مردن وٽ طاقت مرڪوز ٿي، جنهن سان عورت تي پابندين، ڪنٽرول ۽ غلاميءَ جو سلسلو شروع ٿيو. “مذهب، شادي ۽ قانون" جهڙن روايتن ۽ اصولن کي ڪيترن دؤرن ۾ انصاف لاءِ استعمال ٿيڻ بدران عورت کي تابع رکڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويو. اها سوچ اڄ تائين مختلف شڪلين ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ ڪارو ڪاري: زنده انسانيت جو قتل ۽ مرداڻي انا جو جشن: سنڌ ۾ “ڪارو ڪاري” رڳو هڪ رسم ناهي، پر اهو انساني حقن، قانون ۽ اخلاقيات جو کليل قتل آهي. جڏهن ڪو مرد يا عورت پنهنجي مرضي سان شادي ڪري، محبت ڪري، يا خاندان جي مرضيءَ خلاف زندگيءَ جو فيصلو ڪري، ته ڪيترن علائقن ۾ ان جو انجام موت بڻايو وڃي ٿو. هي ظلم گهڻو ڪري ڪوڙي “غيرت” جي نالي تي ڪيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ اها غيرت نه، پر انا، ملڪيت جي سوچ ۽ عورت تي مالڪيءَ جو اظهار آهي. ٽنڊو مستي کان وٺي اڻ ڳڻيا قبرستان: ٽنڊو مستي وارو واقعو اسان سڀني جي ضمير کي جهنجوڙي ٿو، پر سوال اهو آهي ته ڇا هي آخري واقعو آهي؟ هرگز نه. اهڙا ڪيترائي واقعا اخبارن تائين نٿا پهچن. ڪي گهرن جي چوديوارين اندر دفن ٿي وڃن ٿا، ڪي جرڳن ۾ “فيصلا" سڱ چٽين جي شڪل انسانيت جي تذليل جو ڪارڻ ٿيو وڃن، ڪي قبرن جي خاموشي ۽ ڪي وري خاندانن جي انا ۽ ڪوڙي عزت جي ور چڙھيو وڃن ٿا. ڪيترين ئي نياڻين جا خواب گولين سان پروڻ ۽ نوجوانن جا لاش ويران هنڌن تان جھنگلي جانورن جو کاڌ، ۽ ڪيترا ئي والدين پنهنجن ڪلھن تي خوابن، انسانيت ۽ ڪوڙي عزت سان اولاد جا جنازا کڻن ٿا. جرڳو: انصاف يا ظلم جو اوزار؟: سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ اڄ به جرڳو قانون کان مٿي سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته حقيقت ۾ ڪيترائي جرڳا انصاف نه، پر طاقتور ڌرين جي مرضي جو نالو آهن. عورتن کي وني ڪرڻ، ڪاري قرار ڏيڻ، ڏنڊ طور ڏيڻ، يا قتل جي اجازت ڏيڻ جهڙا فيصلا ڪنهن به مهذب سماج ۾ ناقابل قبول آهن. جيستائين قانوني ادارا مضبوط نه ٿيندا، پوليس آزاد نه ٿيندي، ۽ عدالتن تائين عام ماڻهوءَ جي رسائي آسان نه ٿيندي، تيستائين اهڙيون متوازي عدالتون ظلم جو ڪاروبار جاري رکنديون. قانون موجود، تحفظ غائب: اسان وٽ عورتن جي تحفظ لاءِ قانون موجود آهن. آئين به برابريءَ جي ضمانت ڏئي ٿو. عدالتون به حقن جي ڳالهه ڪن ٿيون. پر مسئلو قانون جي موجودگي نه، پر ان تي عملدرآمد جو آهي. جڏهن قاتل بااثر هجن، پوليس خاموش هجي، شاهد ڊڄن، ۽ سماج ظلم کي روايت سمجهي، تڏهن قانون ڪتابن تائين محدود ٿي وڃي ٿو. عورت لاءِ خوف جو ماحول پيدا ٿئي ٿو، جتي هوءَ پنهنجي مرضي سان جيئڻ، پڙهڻ، ڪم ڪرڻ، يا شادي ڪرڻ کان به ڊڄي ٿي. عورت جو وجود: عزت جو بوجھ نه، انسان آهي: عورت ڪنهن خاندان جي عزت جو بوجھ نه آهي، نه ڪنهن مرد جي ملڪيت، نه ڪنهن رسم جي قيدي. عورت مڪمل انسان آهي، جنهن کي زندگي، عزت، محبت، تعليم، آزادي ۽ تحفظ جو اوترو ئي حق آهي، جيترو مرد کي آهي. جيڪڏهن سماج عورت جي چونڊ، راءِ ۽ خواهش کي قبول نٿو ڪري، ته اهو سماج ترقي يافته نه ٿو سڏي سگهجي، ڀلي ڪيتريون ئي عمارتون ۽ روڊ ٺهي وڃن. هاڻي خاموشي جرم آهي، اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته: ڪارو ڪاري جهڙين رسمن خلاف بي رحم ڪارروائي ٿئي. جرڳي جي نالي تي غير قانوني فيصلا ڪندڙن کي سزا ملي عورتن لاءِ پناهه گاهون، قانوني مدد ۽ تحفظ جا مرڪز وڌايا وڃن. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ صنفي برابريءَ جي تعليم ڏني وڃي. ميڊيا هر اهڙي واقعي کي اجاگر ڪري. مذهبي، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ کليو کلايو ظلم خلاف آواز اٿارين. آخري ڳالهه ته نالا بدلجي ويا آهن، وقت بدلجي ويو آهي، طريقا بدلجي ويا آهن، پر ظلم جي سوچ اڃا ساڳي آهي. ڪڏهن غيرت جي نالي تي، ڪڏهن روايت جي نالي تي، ڪڏهن قانون جي پردي ۾، ته ڪڏهن مذهب جي آڙ ۾ عورت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. جيستائين عورت کي برابر انسان نه سمجهيو ويندو، تيستائين سنڌ جي روح زخمي رهندي. هي ڌرتي شاهه لطيف جي آهي، سسئي، مارئي ۽ مومل جي آهي. هن ڌرتيءَ تي عورت جو قتل نه، عزت ٿيڻ گهرجي. خاموشي هاڻي اختيار نه، پر جرم آهي.