English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري جي ميونسپل چيئرمين جي اڳواڻي ۾ يوم تشڪر ريلي ڪڍي وئي
89 views
|
17th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ريلي رزاق آباد کان ٽائون آفيس تائين ڪڍي وئي، ٽائون آفيسرن، ميمبرن، ملازمن ۽ شهرين جي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ يومِ تشڪر ۽ اظهارِ يڪجهتي ريلي رزاق آباد کان ٽائون آفيس تائين ڪڍي وئي جنهن ۾ ٽائون آفيسرن، ٽائون ميمبرن، ملازمن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن قومي جهنڊا کڻي “پاڪستان زنده باد” ۽ “پاڪ فوج زنده باد” جا نعرا هنيا جڏهن ته ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام لاءِ خصوصي دعائون پڻ ڪيون ويون. ان موقعي تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل حافظ عاصم منير جي بهترين قيادت ۽ موثر سفارتڪاري سبب پاڪستان جو مثبت ڪردار عالمي سطح تي نمايان ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪندي علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، خاص طور چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، هميشه قومي مفاد، جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي خدمت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ڏکين حالتن ۾ به پارٽي قيادت ملڪ ۽ قوم سان گڏ بيهڻ جي روايت برقرار رکي آهي ۽ قومي يڪجهتي کي فروغ ڏنو آهي. نظير احمد ڀٽو چيو ته يومِ تشڪر ملهائڻ جو مقصد قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ پنهنجي قيادت ۽ فوج سان مڪمل اظهارِ يڪجهتي ڪرڻ آهي قوم ۾ اتحاد، هم آهنگي ۽ حب الوطني جي جذبي کي مضبوط ڪري ٿو. نظير احمد ڀٽو پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج، پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري جون ضامن آهن، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ، سرحدن جي حفاظت ۽ قدرتي آفتن دوران عوام جي خدمت ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي اسان کي پنهنجي بهادر پاڪ فوج تي فخر آهي، ريلي جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ گڏيل دعا ڪئي وئي. ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ، ڊائريڪٽر انفارميشن، ڊائريڪٽر ايڇ آر، ڊائريڪٽر سينيٽيشَن سميت ٻين آفيسرن، ٽائون ميمبرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري جي ميونسپل چيئرم
0 تبصرے