عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ عوامي سفري سهولتن ۽ نواڻ لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي يوڪي بس ٽرمينل جي سنگِ بنياد رکڻ جي تقريب قرآن خواني سان منعقد ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ انتظاميه اعلان ڪيو ته جلد هتان کان اي سي ڪوچون ۽ مسافر بسون باقاعده اچ وڃ شروع ڪنديون، هي بس ٽرمينل شهر جي داخلي رستي ميرپورخاص روڊ تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد شهرين کي منظم، محفوظ ۽ باوقار سفري سهولت فراهم ڪرڻ آهي، تقريب دوران جامع مسجد بس ٽرمينل جي سنگِ بنياد پڻ رکي وئي، ان موقعي تي عمرڪوٽ اي سي / نان اي سي ٽرانسپورٽ اتحاد جي اڳواڻن حاجي فيصل صديق ناگوري، ڪاڪا پنھور ۽ جانب هاليپوٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يوڪي بس ٽرمينل کي جديد سهولتن سان ليس ڪيو پيو وڃي، جيڪو صرف بس اڏو نه پر هڪ مڪمل سفري مرڪز هوندو، هنن ٻڌايو ته منصوبي تحت مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ ويٽنگ ايريا، صاف سٿرا ۽ معياري باٿ روم، بهترين مسافر هال، ڊرائيورن جي آرام لاءِ مخصوص ڪمرا، مسافرن جي رهنمائي ۽ شڪايتن جي اندراج لاءِ الڳ ڪائونٽر، دڪانن تي مشتمل منظم مارڪيٽ ۽ سيڪيورٽي لاءِ پوليس ڪيبن قائم ڪيو ويندو، جتي پوليس اهلڪارن جي مستقل موجودگي يقيني بڻائي ويندي، تقريب ۾ مختلف ٽرانسپورٽرن امين مالڪاڻي، ايم بي ايس مووزر، اڪرم راجپوت، اختر راجپوت، سرور رانگھڙ، حاجي جيئند راجڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ هن منصوبي کي عمرڪوٽ جي ٽرانسپورٽ نظام ۾ هڪ مثبت ۽ ديرپا تبديلي قرار ڏنو، ٻئي طرف شهرين اميرالدين، رضوان، شاهب الدين، فيضان ۽ ٻين بس ٽرمينل جي شهر کان ٻاهر قيام کي ساراهيندي چيو ته هن قدم سان شهر اندر ٽريفڪ مسئلن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي، بسون وقت سر روانيون ٿينديون ۽ شهرين کي روزاني سفر ۾ سهولت ملندي، شهرين ۽ ٽرانسپورٽرن اميد ظاهر ڪئي ته يوڪي بس ٽرمينل نه رڳو عمرڪوٽ پر ڀرپاسي وارن علائقن لاءِ به جديد، منظم ۽ محفوظ سفري سهولتن جو مرڪز ثابت ٿيندو ۽ شهر جي مجموعي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
0 تبصرے