عمرڪوٽ ۾ آرا مشين مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل

عمرڪوٽ ۾ آرا مشين مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل

عمرڪوٽ (ڊ ، ر) عمرڪوٽ شهر جي پراڻي سبزي منڊي ڀرسان واقع آرا مشين مان هڪ نامعلوم شخص جو پراسرار نموني لاش هٿ آيو آهي، جنهن بعد علائقي ۾ خوف ۽ حيرت جي لهر ڇانئجي وئي آهي.ل، اطلاعن موجب مقامي ماڻهن آرا مشين اندر لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن تي سٽي ٿاڻي جي پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ ورتو، پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ اڃان تائين نه ٿي سگهي آهي، پوليس لاش کي ضروري ڪاروائيءَ بعد سول اسپتال عمرڪوٽ جي سرد خاني ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي سڃاڻپ لاءِ رکيو ويو آهي، سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او موجب فوتي جي جسم تي بظاهر ڪوبه زخم يا تشدد جو نشان موجود ناهي، جڏهن ته معاملي جي هر پهلوءَ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ايس ايڇ او وڌيڪَ ٻڌايو ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جنهن بعد موت جي اصل سببن بابت حقيقتون سامهون اينديون، پوليس واقعي کي شڪي قرار ڏيندي آرا مشين جي مالڪ ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.