ٽالهي جماعت اصلاح المسلمين جي برانچن جي سليڪشن

ٻن برانچن ڪنري سٽي ۽ چوڌري محمد رفيق جٽ جي سليڪشن ڪئي ويئي

ٽالهي جماعت اصلاح المسلمين جي برانچن جي سليڪشن

ٽالهي (رپورٽر) ٽالهي جماعت اصلاح المسلمين جي برانچن جي سليڪشن، انسان ذات سان محبت پيار ۽ ڀائپي وارو رويو رکڻ ۽ هيڻن جي مدد ۽ سهارو بڻجڻ وچن ڪيو ويو تفصيل موجب: ڳوٺ چوڌري محمد رفيق جٽ طاھري ۾ جماعت اصلاح المسلمين ضلع عمرڪوٽ جي ٻن برانچن ڪنري سٽي ۽ چوڌري محمد رفيق جٽ جي سليڪشن ڪئي ويئي، سليڪشن دوران خليفه سڪيلڌو طاھري نائب صدر دوئم سنڌ، جماعت اصلاح المسلمين ضلع عمرڪوٽ جي ضلعي عھديدارن فقير فريد احمد طاھري صدر، خليفه محمد عالم طاھري سينئر نائب صدر، خليفه محمد انصر طاھري نائب صدر، فقير رضوان احمد طاھري فنانس سيڪريٽري، مولانا اسد عالم طاھري معاون جنرل سيڪريٽري، فقير نعمان احمد طاھري جوائنٽ سيڪريٽري ۽ برانچن جي تمام ميمبرن شرڪت ڪئي، سليڪشن باڊيز جو اعلان فقير فريداحمد طاھري صدر ج۔ا۔م ضلع عمرڪوٽ ڪيو، تنظيم جي اھميت تي ليڪچر ڏنو ويو ۽ حضور قبلا عالم محبوب سڄڻ سائين جو انسانيت جو پيغام گھر گھر پھچائڻ جو وچن ڪيو ويو، برانچز جي عھديدارن ڪنري سٽي لاءِ صدر محمد افضل طاهري ۽ جنرل سيڪريٽري محمد ارشد طاهري مقرر ڪيو ويو جڏهن ته برانچ چودري محمد رفيق طاهري لاءِ صدر ياسر عرفات طاهري ۽ جنرل سيڪريٽري لاءِ علي رضا طاهري مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ان موقعي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان سڄڻ سائين جو پيغام کڻي نڪتا آهيون ۽ اهو گهر گهر تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين هنن چيو ته انسان ذات سان پيار محبت ۽ احترام سان گڏ الله پاڪ جو قلبي ذڪر ڪرڻ آهي ۽ سائين جي حڪم موجب هيڻن ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ سندن سهارو بڻجڻ اسان جي فرض ۾ شامل آهي ۽ وچن ٿا ڪيون ته پنهنجي مشن کي جاري رکنداسين