ملير: ڌڻي پرتو موسيٰ ڳوٺ واسي جو ويڳن ڀائرن خلاف احتجاج

ويڳا ڀائر شعيب، زبير، سهيل ۽ اقبال غلط ماڻهن جي صحبت ۾ اچي ويا آهن: حبيب جوکيو

ملير: ڌڻي پرتو موسيٰ ڳوٺ واسي جو ويڳن ڀائرن خلاف احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڌڻي پرتو موسي ڳوٺ جي رهواسي حبيب جوکيو ولد علي دوست جوکيو پنهنجي ويڳن ڀائرن کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حبيب جوکيو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندس ويڳا ڀائر شعيب جوکيو، زبير جوکيو، سهيل جوکيو ۽ اقبال جوکيو غلط ماڻهن جي صحبت ۾ اچي نشي جي واپرائڻ سميت غلط رستي تي نڪري پيا آهن هن چيو ته مون ۽ ڳوٺ جي معززن ڪيترائي ڀيرا کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ڪنهن جي به عزت ڪرڻ يا پنهنجي روين ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ تيار ناهن حبيب جوکيو موجب سندس ڀائرن جي عملن سبب کيس مالي ۽ سماجي نقصان پڻ برداشت ڪرڻو پيو آھي پريس ڪانفرنس دوران حبيب جوکيو واضح لفظن ۾ چيو ته اڄ کان پوءِ سندس ويڳن ڀائرن سان ڪو به واسطو يا تعلق ناهي ۽ هو پنهنجي هر عمل جا پاڻ ذميوار آھن هن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي ملير ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندس هي بيان سرڪاري رڪارڊ تي رکيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به امڪاني مسئلي جي ذميواري مٿس نه وڌي وڃي.