اياز لطيف پليجي پاران پيرو لاشاري ڀرسان نوجوان ڪيلاش ڪولھي جي قتل جي مذمت

سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي، طاقتور ماڻھو سمجھن ٿا ته ھاري، مزدور، پورھيت ۽ غريب ماڻھن جي ڪا اھميت ناھي: اياز لطيف پليجو

اياز لطيف پليجي پاران پيرو لاشاري ڀرسان نوجوان ڪيلاش ڪولھي جي قتل جي مذمت

حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيرو لاشاري ڀرسان نوجوان ڪيلاش ڪولھي کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي جوابدار جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي. طاقتور ماڻھو سمجھن ٿا تہ ھاري، مزدور، پورھيت ۽ غريب ماڻھن جي ڪا اھميت ناھي. انھن تي تشدد، قتل ۽ ظلم طاقتور ماڻھن جو حق بنجي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ٺٽو جيل سامهون قيدي علي بخش ملاح جي مبينا قتل خلاف ڌرڻو هڻي ويٺل وارث عورتن ٻارڙن تي پوليس جو وحشياڻو تشدد ۽ صحافين سان بدسلوڪي جي جيتري بہ مذمت ڪجي گھٽ آھي. مبينا تشدد ۾ قيدي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ صحافين سان بدسلوڪي ڪندڙ پوليس وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ شڪارپور ۾ ڄڃ تي حملو ڪري نوجوان گھوٽ کي قتل ڪري دھشتگردي جو بدترين مثال قائم ڪيو ويو. سرداري، جرڳائي جاگيرداري نظام روزانو ظلم ۽ بي رحمي جا نوان مثال قائم ڪري ٿو. الميو اھو آھي جو پوليس گم آھي. قانون ۽ انصاف نالي ڪا به شئي ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيرو لاشاري ڀرسان نوجوان جي قتل خلاف وارثن سان گڏ ھزارين ماڻھو ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن پر انھن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪو تيار ناھي. حڪومتي وزيرن کي متاثرن وٽ پھچڻ گھرجي. پوليس عملدارن کي تحرڪ ۾ اچي جوابدارن کي گرفتار ڪرائڻ گھرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جو راڄ آھي. ڪو به قانون ناھي. ماڻھو تنگ ٿي رستن تي اچن ٿا. ناانصافي ۽ بربريت جي ھن نظام کي ختم ڪيو وڃي. امن، انصاف کي يقيني بنايو وڃي. ڪيلاش جا قاتل گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.