نوشهروفيروز(ڊ ر)ڳوٺ نور محمد خاصخيلي جي رهواسي صاحب ڏنو خاصخيلي پنهنجي زرعي زمين تي قبضي، سئوٽن ۽ پوليس جي مبينا نااهلي خلاف پريس ڪلب نوشهرو فيروز آڏو احتجاج ڪيو.احتجاج دوران صحافين سان ڳالهائيندي صاحب ڏنو خاصخيلي چيو ته سندس خاندان کي ابي ڏاڏي جي ڳوٺ ۾ ساڍا ٽي ايڪڙ زرعي زمين مليل آهي، جنهن تي سندس سئوٽن علي حسن خاصخيلي، وزير خاصخيلي، طالب خاصخيلي، صادق خاصخيلي، خالد خاصخيلي ۽ نظام خاصخيلي ملي ڪري زبردستي قبضو ڪري ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قبضي خلاف هن روينيو کاتي جي مختيارڪار کي لکت ۾ درخواست ڏيڻ سان گڏ ايس ايس پي نوشهرو فيروز مير روحل کوسو کي به درخواست ڏني، جنهن تي نوٽ هڻي معاملو حد جي ٿاڻي ڏانهن اماڻيو ويو، پر افسوس جو پوليس صرف دلاسو ڏئي درخواست موٽائي ڇڏي ۽ ڪا به عملي ڪارروائي نه ڪئي. صاحب ڏنو خاصخيلي الزام هنيو ته هاڻي قبضا خور کيس ۽ سندس خاندان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب هو شديد خوف ۾ مبتلا آهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ فراهم ڪري غيرقانوني قبضو ختم ڪرائي انصاف مهيا ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندو.
0 تبصرے