نوشهروفيروز ۾ ڳوٺاڻي جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، تحفظ جي گهُر

گاھ نه ڏيڻ تان منير، اعجاز، اسد ، الياس ۽ شڪيل وارن لٺيون ۽ هٿيار کڻي حملو ڪيو: سڪندر راڄپر

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺاڻي جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، تحفظ جي گهُر

نوشهروفيروز (ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ باغ علي راڄپر جي رهواسي ڳوٺاڻي سڪندر راڄپر حملي آور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته ڪمند مان گاھ نه ڏيڻ تان جوابدار منير، اعجاز، اسد ، الياس ۽ شڪيل وارن اسان جي مٿان لٺيون ۽ هٿيار کڻي حملو ڪيو آهي جنهن ۾ منهنجو ڀاءُ زخمي ٿي پيو ھن چيو ته ظلم جي انتها آهي ڪمند به اسان جو ۽ گاھ نه ڏيڻ تان جوابدارن حملو به اسان تي ڪيو آهي ۽ هاڻي وري اسان جي گهر مٿان فائرنگ به ڪن پيا جن مان جاني توڙي مالي نقصان جو خطرو آهي ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي آهي پوليس صرف هڪ جوابدار گرفتار ڪيو آهي هن ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته حملي جي مک جوابدار منير ۽ اعجاز راڄپر کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اسان کي انصاف ملي سگهي