ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، رهواسي پريشان

15ڏينهن کان پاڻي بند هجڻ سبب تڪليفن ۾ مبتلا آهيون: رهواسي

ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، رهواسي پريشان

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، 15 ڏينهن کان پاڻي بند، عوام پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ پريشان، ضلعي ٺٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي۔ گذريل 15 ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي مڪمل طور تي بند آهي، جنهن سبب عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ٽينڪر مافيا صورتحال جو ناجائز فائدو وٺندي پاڻي جون قيمتون ٻيڻيون ڪري ڇڏيون آهن۔اطلاعن موجب ضلعي ٺٽي ۾ آبپاشي کاتي 15 ڏينهن اڳ نهرون بند ڪري ڇڏيون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند ٿي وئي آهي۔ مڪلي ٽائون ڪميٽي جي واٽر سپلاءِ مان رڳو مڪلي جي پوش علائقي، مڪلي سوسائٽي، کي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته غريب عوام پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ ترسي رهي آهي۔انتظاميا طرفان پاڻي ذخيرو ڪرڻ بابت ڪا به پاليسي نه هجڻ سبب پاڻي جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن جو سڌو فائدو ٽينڪر مافيا کي ملي رهيو آهي ۽ پاڻي جي ٽينڪرن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن۔واضح رهي ته ڪجهه سال اڳ مڪلي واٽر سپلاءِ مان مڪلي جي ٻين علائقن لاءِ ڪروڙين روپين جي اسڪيم منظور ڪئي وئي هئي، جنهن جا ٽينڊر به ڪڍيا ويا هئا، پر اها اسڪيم رڳو پوش علائقي تائين محدود رهي ۽ اڳتي هلي بند ٿي وئي۔ نتيجي طور مڪلي جي تقريبن 80 سيڪڙو آبادي ڇڇ ناري نهر مڪلي مان گندو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور هئي، جنهن جي فراهمي به گذريل پندرهن ڏينهن کان بند آهي۔