مورو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، لاش اسپتال منتقل

ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار محسن علي سولنگي ٿڏي تي فوت

مورو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، لاش اسپتال منتقل

مورو (جاني جماڻي) مورو ويجھو قومي شاھراھ تاج پمپ جي سامهون ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو جنھن ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان محسن علي ولد نواز علي سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو نوجوان جو لاش ايمبولينس ذريعي مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو تہ نوجوان محسن علي سولنگي درياء خان مري جي ڳوٺ جنترائي جو رھواسي آھي جيڪو مورو سامان وٺڻ لاء آيو ھو واپس وڃي رھيو ھو تہ اھڙو حادثو پيش آيو آھي جڏھن تہ وارث ايمبولينس ذريعي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.