بيماريءَ سبب هڪ اک مڪمل طور ضايع ٿي چڪي آهي: غلام رسول ڪلمتي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر جي عبدالرحمان ڳوٺ جو رهواسي پورهيت غلام رسول ولد اڱاريو ڪلمتي پر اسرار بيماري سبب زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي پيل آهي بيماريءَ سبب سندس هڪ اک مڪمل طور ضايع ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هڪ ڄنگهه کان معذور ٿيڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان به لاچار بڻجي ويو آهي جسماني تڪليفن سان گڏ غربت هن جي زندگي کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي غلام رسول ڪلمتي جو چوڻ آهي ته بيماريءَ هن کان روزگار ڪرڻ جي سگهه کسي ورتي آهي علاج لاءِ گهر ۾ جيڪي ڪجهه هو، سڀ وڪڻي ڇڏيو، پر هاڻي نه دوائن جا پيسا بچيا آهن، نه گهر جي گذر سفر جا وسيلا فاقن سبب معصوم ٻارڙا ۽ گهر ڀاتي بک ۾ تڙپن ٿا، هر نئون ڏينهن اسان لاءِ نئين آزمائش بڻجي اچي ٿو هن وڌيڪ چيو ته مان ڪنهن کان خيرات نه، پر جيئڻ جو حق ٿو گهران جيڪڏهن وقت سر مدد ملي وڃي ته منهنجو علاج ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ مان ٻيهر عزت سان زندگي گذاري سگهان ٿو غلام رسول ڪلمتي سنڌحڪومت، اعليٰ حڪومتي عملدارن، سماجي تنظيمن، ۽ صاحبِ حيثيت ماڻهن کان اپيل ڪئي آهي ته انساني همدرديءَ جو مظاهرو ڪندي هن بي وس ۽ لاچار انسان جي مالي مدد ڪن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقت سر مدد ملي ته غلام رسول ڪلمتي جي زندگيءَ ۾ اميد جي ڪا ڪرڻ ٻيهر روشن ٿي سگهي ٿي..
0 تبصرے