English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
views
|
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي پوليو مهم 1 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر 2025 تائين جاري رهندي. فوڪل پرسن ڊاڪٽر امتياز ميتلو ڊيوٽيءَ ۾ ڪوتاهي ڪندڙن کي هٽايو وڃي ان جي جاءِ تي ٻيا ماڻهو کنيا وڃن، جيڪي مڪمل پابنديءَ سان ڪم ڪن نه ته ٻي صورت ۾ ڪم نه ڪندڙن خلاف قانوني قدم کنيا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو تفصيل موجب اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي گذري. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نادر علي پنهور، اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيمه، اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين انور حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر لکي راجيش ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور اياز مشوري، ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر پرويز احمد سومرو، ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن اي پي آءِ ڊاڪٽر اصغر علي مهر، ڊي ايم پي پي ايڇ آءِ سيد حيدر علي شاهه، تعقله فوڪل پرسن ۽ ٻين آفيسرن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر امتياز ميتلو ٻڌايو ته پوليو مهم 1 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين جاري رهندي. هن چيو ته ٽيمن جي ڪافي لاپرواهي آهي ۽ ٽيم ۾ جيڪي ماڻهو ڪم ڪن ٿا اهي پوري ٽائيم تي نٿا اچن. هن ٻڌايو ته ٻهراڙين ۾ ڪافي مسئلا درپيش آهن جن کي فوري حل ڪيو وڃي ته جيئن ٽيمن کي ڪم ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ٿئي. هن سڪيورٽيءَ جي حوالي سان به ٻڌايو ته حالات جي حساب سان ٻهراڙيءَ ۾ سڪيورٽي ٽيمن کي وڌائي ڏني وڃي. هن چيو ته جيڪي تعلقه فوڪل پرسن آهن انهن کي تاڪيد ڪيو وڃي ته ٽائيم تي پهچي ٽيمن کان پنهنجو ڪم شروع ڪرائن ته جيئن پوليو کان ڪوبه ٻار نه رهجي سگهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته پوليو مهم 1 سپٽمبر کان 7 سيپٽمبر 2025 تائين جاري رهندي ۽ سنڌ حڪومت کان پابنديون آيون آهن ته سنڌ جي ٿرپارڪر، بدين ۽ ٻين ضلعن مان ڪجهه پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته هيل سڀ ملي پابنديءَ سان پوليو جي ٽيمن جي نگراني به ڪنداسين ۽ اوچتو پوليو ٽيمن جي چڪاس به ڪنداسين ته جيئن هو پنهنجي پوري ٽائيم تي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو جي ويڪسين جا ڦڙا پيارن ۽ انهن جا نشان به چيڪ ڪنداسين ۽ پوليو ۾ ڪم ڪندڙن جي ڪارڪردگي به نظر ۾ رکنداسين. هن چيو ته ڊيوٽيءَ ۾ ڪوتاهي ڪندڙن کي هٽايو وڃي ان جي جاءِ تي ٻيا ماڻهو کنيا وڃن، جيڪي مڪمل پابنديءَ سان ڪم ڪن نه ته ٻي صورت ۾ ڪم نه ڪندڙن خلاف قانوني قدم کنيا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته پوليو ٽيمون گهرن، چونڪن، گاڏين جي اسٽانن، ڪوچن، پرائيويٽ اسڪولن ۾ پابنديءَ سان ٻارڙن کي پوليو جي ويڪسين جا ڦڙا پيارين ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جي ڦڙن نه رهجي. هن چيو ته اسان ايڊيجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، روينيو، لوڪل گورنمينٽ يا ٻين سرڪاري ڊپارٽمينٽن کي ليٽر جاري ڪنداسين جيڪي پوليو جي ٽيمن جي مدد ڪن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ضلعي جي عوام کي گذارش ڪئي ته هو پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا قطرا ضرور پيارين ۽ خطرناڪ بيمارين کان بچائين. هن چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، لوڪل گورنمينٽ جي آفيسرن، تعلقه فوڪل پرسن ۽ ٽيمن کي پابند ڪيو آهي ته پوري پوري ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن 100 فيصد ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پياريا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور علماءِ اڪرامن کي پوليو ٽيمن جي سهڪار ۽ سٺي مدد ڪرڻ تي هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي طرفان ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ علماءِ اڪرامن کي گفٽ ڏنا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سماج سڌارڪ، رائيٽر ۽ سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي جي شخصيت تي هڪ نظر
09th Sep 2025
•
تازہ ترین
سیلاب کو روکنے کے لیے تیار ہیں، وفاق بی آئی ایس پی کے ذریعے متاثرین کی مدد کرے: بلاول
08th Sep 2025
•
سندھ
جماعت اسلامی کے سینئر رہنما اور سابق امیر قمبر عبدالمجید سومرو انتقال کر گئے
08th Sep 2025
•
تازہ ترین
چیئرمین واپڈا سے پاکستان میں ورلڈ بنک کی کنٹری ڈائریکٹر کی ملاقات
09th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سماج سڌارڪ، رائيٽر ۽ سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي جي شخصيت تي هڪ نظر
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چاچو ڀائٽيو قتل, ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش 4 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيا
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 2ڄڻا گرفتار،ڪيس داخل
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ اشتهاري قرار ڏنل ڏوهاري پوليس وٽ پيش
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور
0 تبصرے