English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ اسڪولي عمارتن جو ڪم رولڙي جو شڪار، ڪتاب برسات ۾ خراب
views
|
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (ڊ ر) ضلعي عمرڪوٽ ۾ تعليم شعبي جا مسئلا سنگين صورت اختيار ڪري ويا آهن، هڪ پاسي سرڪاري اسڪولن جون عمارتون 16 سالن کان اڌ ۾ پيل آهن، ته ٻئي پاسي شاگردن لاءِ آيل تدريسي ڪتاب به برسات ۾ ضايع ٿي ويا آهن، جنهن ڪري معصوم ٻار سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڳوٺ وائوڙي راهمان انوپاڻي جو پرائمري اسڪول گذريل 16 سالن کان رولڙي جو شڪار آهي، جتي معصوم ٻار سخت گرمي ۽ کليل آسمان هيٺ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، اسڪول جي عمارت سال 2007ع ۾ امبريلا اسڪيم تحت 25 لک رپيا لاڳت سان شروع ڪئي وئي هئي، پر سرڪاري فنڊ جاري نه ٿيڻ ڪري اڌ ۾ رهجي وئي، ڳوٺاڻن موجب بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ 2007ع دوران 24 اسڪولن جا ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا هئا، جن مان 10 مڪمل ٿيا، پر باقي 14 اڃان تائين اڌ ۾ آهن، گذريل سال صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه پاران جوڙيل ڪاميٽي 06 عمارتون زبون حال هجڻ سبب ختم ڪرڻ ۽ باقي 08 مڪمل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جن ۾ وائوڙي راهمان انوپاڻي اسڪول به شامل آهي، ڳوٺاڻن تڪ جي ايم پي اي سيد امير شاهه ۽ صوبائي وزير تعليم کان مطالبو ڪيو آهي ته رهيل ڪم مڪمل ڪري اسڪول کي کولرائي ڏنو وڃي، ٻئي طرف گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ ۾ رکيل اضافي تدريسي ڪتاب انتظامي لاپرواهي سبب برسات جي پاڻي ۾ ضايع ٿي ويا، ذريعن موجب ڇهين کان ڏهين درجي جي شاگردن لاءِ رکيل ڪتاب ڪلاس روم ۾ رکيل هئا، جتي مرمتي ڪم سبب ويئر هائوس نه مليو، برسات سبب ڪيترائي ڪتاب مڪمل طور خراب ٿي ويا، جڏهن ته شاگردن کي به کين شفٽ ڪرڻ لاءِ محنت وٺڻي پئي، ٽي اي او سيڪنڊري مرتضي مطابق ضلعي جي 100 کان وڌيڪ اسڪولن ۾ ڪتاب ورهائي ڇڏيا ويا آهن، ڪجهه مضمونن جا اضافي ڪتاب مليا هئا، جيڪي بدانتظامي سبب ضايع ٿي ويا، ياد رهي ته تعليمي سال شروع ٿئي ٽي مهينا کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي، پر شاگردن کي اڃان تائين مڪمل ڪتاب فراهم نه ٿي سگهيا آهن، ڳوٺاڻن ۽ والدين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ پاسي ٻار کليل آسمان هيٺ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ته ٻئي پاسي ڪتابن جي کوٽ ۽ ضايع ٿيڻ سبب سندن تعليمي مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول عمارتن جو رهيل ڪم مڪمل ڪيو وڃي ۽ شاگردن کي فوري طور تي ڪتاب فراهم ڪيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Oct 2025
•
تازہ ترین
لاڑکانہ: گھریلو ناچاقی پر نوجوان خاتون شوہر کے ہاتھوں قتل، ملزم گرفتار
15th Oct 2025
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی کے سینئر رہنما اور سندھ اسمبلی کے سابق اسپیکر آغا سراج درانی 72 برس کی عمر میں انتقال کر گئے
15th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جو ناميارو صحافي شبير بيدار ڀٽو
15th Oct 2025
•
تازہ ترین
پاکستان کی افغانستان کے اندر فوجی ٹھکانوں پر حملے، فتنے ہندستان کے مرکز کو نشانہ بنایا گیا
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پنوعاقل ۾ 11گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار پيءُ پٽ کي سزا، 3 ڄڻا بري
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ: ڪچي ۾ هٿياربندن هٿان 2 نوجوان قتل، سندن گهرن ۾ ڪهرام متل
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
افغان بستي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، 300 گهر ڊاهي پٽ، ڇڪتاڻ، 5 ڄڻا گرفتار
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مختلف يونين ڪائونسلن جا دورا، پوليو مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ ۾ اسڪولي عمارتن
0 تبصرے