پريالوءِ (رپورٽر) پريالوء ڀرسان نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ٻه نوجوان قتل، علائقي ۾ ڏهڪا، پريالوءِ جي ڪچي واري فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄامڙا وٽ ڍنڍ تي نامعلوم هٿياربندن صبح جو سوير فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ناريجا برادري جا ٻه نوجوان سراج احمد پٽ انور عالماڻي ناريجو ۽ اسلم ولد غلام سرور ناريجو قتل ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي حد جي فيض محمد ٻنڊو پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، مقتولا جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو،
0 تبصرے