پنوعاقل ۾ 11گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار پيءُ پٽ کي سزا، 3 ڄڻا بري

سکر جي عدالت وهب الله انڍڙ ۽ سندس پٽ ڪليم الله کي 11،11 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

پنوعاقل ۾ 11گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار پيءُ پٽ کي سزا، 3 ڄڻا بري

پنوعاقل (رپورٽر) پنوعاقل ۾ 11گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار پيءُ پٽ کي سزا، 3 ڄڻا بري، سکر جي عدالت وهب الله انڍڙ ۽ سندس پٽ ڪليم الله کي 11،11 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،  عدالت قتل ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٽن ڄڻن جي بري ٿيڻ خلاف فريادي پاران هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو، پنج سال اڳ 8 معصوم ٻارڙن سميت 11 ڄڻن کي ڪُهي قتل ڪيو ويو هو، فريادي محمود اسد انڍڙ جو چوڻ هو ته عدالت پاران آزاد ڪيل ٽنهي جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪنداسين