سُريلي آواز جو بادشاهه ڪمارسانو

تحرير: جاويد سيوھاڻي

سُريلي آواز جو بادشاهه ڪمارسانو

ڪو زمانو هو جڏهن موسيقي جا شوقين ٽيپ رڪارڊ جون ڪيسٽون وٺي ٻڌندا هئا يا ميوزڪ سينٽر جي دڪانن تي وڃي خالي ڪيسٽون وٺي پنهنجي پسند جا گانا ڀرائيندا هئا ۽ وڏي شوق سان ٽيپ يا ڊيڪ تي ٻڌندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو ڪيسٽون ٽيپ رڪارڊر چٻاڙي خراب ڪري ڇڏيندو هو. پر جيئن وقت اڳتي وڌندو ويو تيئن نيون شيون ايجاد ٿينديون رهيون ۽ هاڻي ٽيپ ۽ ڊيڪ جو زوال اچي ويو ۽ انهن جي جاءِ موبائيل فون،ڪمپيوٽر ۽ يو ايس بي والاري ڇڏي آهي ۽ خبر ناهي اڳتي هلي ٻيون ڪهڙيون نيون شيون ايجاد ٿينديون اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.
هونئن ته ڀارت جي موسيقي جي دنيا ۾ راڳين جا ڪيترائي نالا اڀريا ۽ چمڪيا پر ڪمارسانو جو آواز اڄ به بَرِصَغيرجي عاشق دلين ۾ گونجي ٿو.سندس آواز نه رڳو نائين ۽ ڏهين ڏهاڪي ۾ فلمي ۽ غير فلمي دنيا تي راڄ ڪيو، پر اڄ به سندس گيتن جي جهنڪار ۽خوشبوء نئين نسل تائين پهچي ٿي. ڪمار سانو جي آواز ۾ هڪ جادو،درد ۽محبت جو احساس آهي،سندس آواز ڪنهن به عام دُنياوي درد کي سُريلي شاعري ۾ بدلائي ڇڏي ٿو.هن جا ڪيترائي دل ۽ روح کي ڇهندڙ انمول گيت اڄ به ريڊيو،ٽي وي،انٽرنيٽ ۽ سندس پرستارن جي دلين ۾ زنده آهن. جيئن جيئن نئين موسيقي جو رجحان آيو ڪمارسانو ٿورو پٺتي هٽي ويو، پر هن جي گيتن جو اثر اڄ به اڻمٽ ۽ بيمثال آهي. هو پنهنجي سرن ۽ سُريلي لهجي سان ڪيترن ئي نوجوان گلوڪارن لاءِ مسيحا بڻيو آهي.
اڄڪلهه ڪمار سانو پنهنجو وقت موسيقي سيکارڻ، لائيو ڪنسرٽ ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن سان رابطو رکڻ ۾ گذاري ٿو. هن جو يوٽيوب چينل به موجود آهي،جتي هو پراڻا گيت ۽ پنهنجا نوان گيت ۽ پنهنجي زندگيءَ جا تجربا شيئر ڪندو رهندو آهي. ڪمار سانو صرف هڪ گلوڪار نه،پر هڪ احساس آهي،جنهن هر عاشق جي دل ۾ ڪو نه ڪو درد سمايو آهي ۽ محبت جو رنگ ڀريو آهي. سندس آواز وقت سان گڏ پراڻو نه ٿيو،بلڪه هر نئين دور ۾ نئون لڳي ٿو۽ اهو ئي هڪ حقيقي فنڪار جو ثبوت آهي.
ڀارتي موسيقي جي دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن گلوڪار کي “رومانوي گيتن جو بادشاهه” به چيو وڃي ته اهو ڪمارسانو ئي آهي. سندس آواز ۾ جيڪا مٺاس، درد ۽ جذبات جو ميلاپ آهي،اها صفت تمام گهٽ گلوڪارن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
ڪمارسانو جي شروعاتي زندگي:
ڪمار سانو جو اصل نالو ڪيڊاس ڪرشنا گنگولي آهي، ۽ هو 20 آڪٽوبر 1957ع تي ڪولڪتا (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پانڊت ڪرشنا چنڊر گنگولي هڪ نامور ڪلاسڪي سنگيتڪار هو،جنهن کان سانو ننڍپڻ ۾ موسيقي سکڻ شروع ڪئي. سندس والد کيس هندستاني راڳن، سازن ۽ سُرن جي باريڪين کان واقف ڪيو. ابتدائي ڏينهن ۾ ڪمارسانو بنگالي گيت ڳائيندو هو.ڪجهه سالن بعد هو پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ ممبئي آيو،جتي شروعاتي ڏکئي دور کان پوءِ کيس فلمي موسيقي ۾ موقعو مليو.
ڪيريئر جي شروعات ۽ وڏي ڪاميابي:
ڪمارسانو کي فلم “عاشقي” (1990) سان وڏي سڃاڻپ ملي،جنهن جي موسيقي نديـم شيروان تيار ڪئي هئي. “دهيــري دهيــري”، “جانِ جگر جانِ من” جهڙا گيت رليز ٿيڻ شرط ئي هٽ ٿي ويا.ان فلم لاءِ کيس فلم فيئر ايوارڊ براءِ بهترين گلوڪار مليو. اهو ڪاميابيءَ جو سلسلو پوءِ سالن تائين جاري رهيو.ڪمارسانو لڳاتار 1990 کان 1994 تائين پنج سال مسلسل فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪيو، جيڪو اڄ تائين ڪنهن به ٻئي مرد گلوڪار حاصل نه ڪيو آهي.
سندس مشهور گيت:
ڪمار سانو جا هزارين گيت آهن، پر ڪجهه اهڙا آهن جيڪي هميشه لاءِ امر ٿي ويا انهن ڪجهه هيٺ پيش ڪجن ٿا:
"اب تيري بن جي لينگي هم"عاشقي (1990)
"چھرا ڪيا ديکتي هو" سوده (1991)
"ميرا دل ڀي ڪتنا پاگل هي" – ساجن (1991)
"يه ڪاگذ ڪي پھول" پھول اور ڪانٽي (1991)
"دل والي" (1992)
"تيرا ميرا پيار" – سلام نمستي (2005)
هن لڳ ڀڳ 1700 کان وڌيڪ فلمن لاءِ گيت ڳايا آهن ۽ سندس آواز 20،000 کان وڌيڪ گيتن ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هي هڪ عالمي رڪارڊ آهي جنهن سبب کيس "Most Recorded Artist" جو اعزاز پڻ مليو آهي.
ڪمارسانوجي ذاتي زندگي:
ڪمارسانوجي ذاتي زندگي به دلچسپ آهي، هن پهرين شادي ڪلڪتا ۾ پنهنجي دوست جي ڀيڻ سان ڪئي،جنهن مان کيس ٻه پٽ ٿيا. بعد ۾ هن شادي سلوني Saloni سان ڪئي،جيڪا پڻ هڪ برطانوي نزاد هندستاني عورت آهي.هن جا ٻه پٽ آهن جيس سانو ۽ جيڪ سانو جيڪي پڻ هن وقت موسيقيءَ ۾ پنهنجو نالو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ڪمار سانو هميشه پنهنجي خاندان سان گهرو لاڳاپو رکندو آيو آهي.هو ڪيترن ئي سماجي پروگرامن ۾ به حصو وٺندو آهي ۽ هي موسيقيءَ کي “انسانيت جو بهترين اظهار” سمجهي ٿو.
ڪمارسانو جا اعزاز ۽ شھرت:
پنج ڀيرا فلم فيئر ايوارڊ (1990–1994)
پدما شري ايوارڊ (2009) ڀارت جو چوٿون وڏو سول اعزاز.
گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ نالو: ڪمارسانو هڪ ڏينهن ۾ 28 گيت رڪارڊ ڪرڻ جو ڪارنامو پڻ سرانجام ڏنو آهي.
هاڻوڪي جديد دور ۾:
اڄڪلهه ڪمار سانو پنهنجا لائيو ڪنسرٽس ڪري ٿو،موسيقي جا نوان شاگرد تيار ڪري ٿو،راڳ جي ٽي وي پروگرامن ۾ جج جا فرائض به سرانجام ڏئي ٿو ۽ پنهنجي يوٽيوب چينل kumar sanu official تي پنهنجا نوان گيت ۽ پراڻيون ۽ نيون يادون پڻ شيئر ڪندو رهندو آهي.
هو چوي ٿو ته:
“انسان جو آواز بدلجي سگهي ٿو،پر احساس ڪڏهن به پراڻو نٿو ٿئي.”
ڪمارسانو پڻ حمد ۽ قصيده ڳائي پاڻ ملهايو آهي. جيڪا هڪ هندو ڪلاڪار جي دنياجي ٻين مذهبن سان عقيدت ۽ محبت کي ظاهر ڪري ٿي.گذريل عيد تي هن جو ڪلام "مومنو ڪي شان هي،عيد سب ڪي جان هي" وڏي شهرت ماڻي آهي ۽ هن جي فالوورز ۾ مزيد اضافو ٿيو آهي.
ڪمارسانو ڪيترائي غير فلمي البم به رڪارڊ ڪرايا،
جيڪي ڪجهه هيٺ پيش ڪجن ٿا.
"هان وو شهر ميرا نه ٿا"
"پهلا...تيرا ميرا پيار"
تمهين ڪيسي ڀلائين هم
"ڪهنا تو ھي"
"ليڪي آئي زندگي" وغيره،هن ڪافي گانا سنگل ۾ ڳايا آهن جنهن جي ڪري هي شهرت جي بلندين تائين پهچي ويو ۽ هن جا ڊيوٽس گانا انڊيا جي مشهور ڳائڻين الڪاياڪنگ،لتامنگيشڪر،ساڌنا سرگم،شرياگهوشل، آشا ڀوسلي وغيره سان به ڪافي مشهور ٿيا.هن پاڪستاني فلم ۾ به گيت رڪارڊ ڪرايا آهن. ڪمارسانو، ادت نارائن سونونگم،اڀيجيت،پنڪج ادهاس، ونودڪمار، روپ ڪمار۽ ٻين راڳين سان گڏ به گانا ڳايا آهن.
هن پراڻن ڳائڻن مهدي حسن،ڪشور ڪمار وغیرہ جا ڳايل مشهور گانا ڳائي پڻ وڏي شهرت ماڻي. ڪمارسانو گانن سان گڏ جگجيت سنگھ جيان به غزل ڳائي خوب نالو ۽ ناڻو ڪمايو آهي.
اڄڪلهه هو فلاحي ڪمن ۾ به حصو وٺي رهيو آهي۽ انڊيا جي هڪ ميوزڪ ٽي وي پروگرام ۾ جَجَ جا فرائض به سرانجام ڏئي رهيو آهي. آخري لفظ:ڪمار سانو رڳو هڪ گلوڪار نه پر هڪ دور جو نالو آهي. سندس آواز هر محبت ڪندڙ جي دل ۾ اڄ به گنگنائجي ٿو.هو موسيقيءَ جي دنيا جو اهو ستارو آهي جيڪو وقت جي غبار ۾ به ماندو نه ٿيو آهي.سندس سُر ۽ سندس لهجو هميشه لاءِ هندستاني فلمي ۽ غير فلمي موسيقيءَ جي تاريخ جو زرين باب بڻجي چڪو آهي.
"زندگي ايڪ سفر هي سهانا،
يهان ڪل ڪيا هو ڪس ني جانا..!!!!