مهر علي وسطڙو ۽ ٻين پارٽي جي 19هين يوم تاسيس جو ڪيڪ ڪاٽيو
نوشهرو فيروز(ڊر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي کي 19 سال مڪمل ٿيڻ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي نوشهرو فيروز پاران پريس ڪلب نوشهرو فيروز ۾ پارٽي جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو جنهن ۾ ضلع سينيئر نائب صدر مهر علي وسطڙو، تعلقه صدر فرمان نول ميونسپل صدر خادم سيال، منظور ڀرٽ، جسقم اڳواڻ خالد چنه. اسد عمراڻي، ساگر يوسف منگي۔ مسرور چانڊيو، خادم حسين مري، ايس ٽي پي پي اڳواڻ اقبال راڄپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايس يو پي سنڌ جي واحد قومي ۽ جمهوري پارٽي آھي جيڪا سنڌ جو ڪيس پارليامينٽ جي سياست ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ڪرنٽ اشوز تي سياست ڪري رهي آهي چيئرمين سيد جلال محمود شاھ ۽ سيد زين شاهه جي دل هر وقت سنڌ لاء ڌڙڪندي رهي ٿي، ٻئي طرف پارٽي صدر سيد زين شاھ آھي جيڪو سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف جدوجهد جي ميدان ۾ بيٺل آھي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هر سنڌ دشمن منصوبي ۽ سوچ خلاف پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي آھي پوء اهو سنڌ جي ٻيٽن ۽ زمينن والار ڇو نه هجي ان خلاف عملي جدوجهد ڪئي آهي ايس يو پي هر سنڌ دشمن ايجنڊا خلاف اقتدار ڌڻين لاء اک جو ڪنڊو آھي زرداري ۽ سندس ڪمپني سرڪار سنڌ جا وسيلا تين وال ڪري اقتدار حاصل ڪندي رهي آھي، ايس يو پي نج عوامي سياست تي يقين رکي ٿي ۽ عوام جي ووٽ چونڊ عمل ذريعي ئي ايوانن ۾ وڃي سنڌ جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙھندي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پنھنجي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به فرق نه رکيو آھي ۽ سنڌ جي حقيقي وارث سياسي پارٽي آھي
0 تبصرے