English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڏير ۽ مڙس تي الزام لڳائيندڙ ناري جي ڏيرياڻي پاران سندس الزام رد
views
|
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ ڏيرن ۽ سُهري طرفان مبينا ظلمن بابت پريس ڪانفرنس ڪندڙ نياڻي لدينا جي الزامن کي سندس ڦڦي جي پٽ مرحوم شاھد رند جي ڀاء عرفان رند جي زال افشان رد ڪندي چيو آهي ته انهن الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي. آئون پڻ ساڳئي گهر ۾ رهندڙ آهيان ، ھن پنھنجي مڙس عرفان رند ۽ سھري غلام حسين رند سان گڏ سورج سجاولي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لدينا پنهنجي مڙس شاھد رند جي وفات بعد جيڪي الزام هنيا آهن، اهي مڪمل طور تي بي بنياد ۽ ذاتي مفادن تي ٻڌل آهن.هن دعويٰ ڪئي ته، "لدينا جي وار ڪٽجڻ جو سبب طبي هو، کيس مٿي ۾ ملي جي بيماري هئي، جنهن سبب هوءَ وقت بوقت پاڻ وار ڪٽرائيندي هئي، ان تي ڪنهن به قسم جو تشدد نه ٿيو آهي."افشان موجب، لدينا جي پيءُ محمد بخش سهتو هن سموري ڊرامي جو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو صرف مرحوم شاھد رند جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته لدينا پاران ڏنل بيانن سان خاندان جي عزت کي سخت نقصان رسيو آهي.افشان وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ ڪو به بيگناهه شخص بدنامي يا قانوني ڏکيائن جو شڪار نه ٿئي.جڏھن ته افشان ۽ الزام ھڻندڙ لدينا جي سھري جو چوڻ آھي ته لدينا جو پيء رٽائرڊ پوليس جمعدار آھي جيڪو منھنجي ننھن کي ورغلائي اسان جي خلاف بيان ڏياري پلاٽن جي قبضي ڪرڻ جي سازش پيو ڪري ـ ھن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته ڪجھ ڏينھن پھرين پڻ محمد بخش سھتو ۽ چنيسر رند ۽ ھڪ نامعلوم منھنجي گھر تي حملو ڪري مونکي زخمي ڪيو آھي پوليس اڃان تائين ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار ناھي ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
0 تبصرے