English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا به يونيورسٽي عالمي معيار جي نه ھجڻ تي افسوس جو اظھار
views
|
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا بہ يونيورسٽي عالمي معيار جي نہ ھجڻ تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ تعليم، سائنس ۽ ترقي حڪمرانن جي ايجنڊا ناھي. ڪرپشن، ڦرلٽ، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ ملڪ دشمن پاليسيون جوڙڻ دستور بنجي ويو آھي. مسلسل خراب حڪمراني ملڪ کي ديوار سان لڳائي ڇڏيو آھي. موجوده حڪمران پھريون ڀيرو اقتدار ۾ ناھن آيا، آھي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بار بار مسلط ڪيا وڃن ٿا، جنھن جو نتيجو آھي جو دنيا جي ٽاپ 350 يونيورسٽين ۾ پاڪستان جي هڪ بہ يونيورسٽي شامل ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ موجود يونيورسٽين ۽ تعليمي نظام جو سنڌ ۾ وڌيڪ ٻيڙو ڀڏل آھي. پنجاب ۽ اسلام آباد جون يونيورسٽيون ۽ اتي جو تعليمي نظام سنڌ کان تمام گھڻو بھتر ۽ اڳتي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھزارين اسڪول بند پيا آھن. يونيورسٽيز مان شاگردياڻين جا لاش ملن ٿا. سھولتون ناھن. تعليمي معيار ناھي. شاگرد ناانصافين جو شڪار آھن. ڪرپشن ۽ بدعنواني يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا شاگرد پڙھڻ چاھين ٿا پر انھن لاء معياري لائبرريون ناھن. جيڪي لائبريريون موجود آھن انھن ۾ شاگردن جي ويھڻ جي گنجائش ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ڌاڙيل راڄ آھي. ھڪڙا ڌاڙيل سکر، لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ماڻھو اغوا ڪن ٿا. قتل ڪن ٿا ۽ ٻيا ڌاڙيل سنڌ جي دولت لٽي رھيا آھن. ڪرپشن ڪري رھيا آھن. وسيلن جي ڀينگ ڪري رھيا آھن. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. صحت جون سهولتون ناھن. تعليمي نظام درھم برھم آھي. روڊ ٽٽل آھن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي. 18 سالن کان ھلندڙ خراب حڪمراني سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2025
•
تازہ ترین
”بانو کو بلوچ رسم و رواج کے تحت سزا دی گئی، سردار شیر باز بے گناہ ہے، رہا کیا جائے” مقتولہ کی والدہ کا بیان
23rd Jul 2025
•
تازہ ترین
خبردار! کسی کے جھانسے میں نہ آئیں، نیشنل سرٹ نے وارننگ جاری کر دی
23rd Jul 2025
•
سندھ
کراچی میں خاتون نے ایک ہی وقت میں 5 بچوں کو جنم دیا
23rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي به ٽنهي صوبن واريون سهولتون ڏيو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جرڳا ڪري معصوم نياڻين جا خون لوڙھيا وڃن ٿا: اياز لطيف پليجو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز ۾ ڳوٺ سھراب مري جي رهواسين جو 13هين ڏينهن به نواب مري خلاف احتجاج جاري
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ٿرڪول ڊيم نبي سر ٿر ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف ريلي ۽ ڌرڻو
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي شڪارپور جي صدارت ۾ يوم آزادي جي حوالي سان گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجي
دنيا جي ٽاپ 350 يونيورسٽين
سنڌ ۾ ھزارين اسڪول
يونيورسٽيز مان شاگردياڻين جا
0 تبصرے