ڏوڪريءَ ۾ ٻگهيا برادري جي گڏجاڻي، ورلڊ ٻگهيا فورم جو قيام، مختلف شهرن مان آرگنائيزر چونڊيا ويا

فورم جوڙڻ جو مقصد سنڌ ۾ ٻگهيا برادري ۾ ھلندڙ تڪرار ختم ڪرائڻ آهي: حزب ﷲ ٻگھيو

ڏوڪريءَ ۾ ٻگهيا برادري جي گڏجاڻي، ورلڊ ٻگهيا فورم جو قيام، مختلف شهرن مان آرگنائيزر چونڊيا ويا

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪريءَ ۾ ٻگهيا جو اجلاس ڪوٺائي ورلڊ ٻگهيا فورم جو قيام،سنڌ جي مختلف شهرن مان آرگنائيزر چونڊيا ويا.فورم جوڙڻ جو مقصد سنڌ ۾ ٻگهيا برادري ۾ ھلندڙ تڪرار جو تڪڙو حل ڪرڻ آهي.سردار حزب ﷲ ٻگھيو تفصيل موجب اڳوڻي پ پ ايم پي اي سردار حذب ﷲ ٻگھيو جي قيادت ۾ ورلڊ ٻگهيا فورم جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ جي ٻگهيا برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ نئين گڏ ۾ ٻگهيا برادري جو ھڪ اجلاس ڪوٺايو ويو،اجلاس ۾ سنڌ جي ٻگهيا برادري جي چڱن مڙسن اڳوڻي پ پ ايم اين اي سردار حذب ﷲ ٻگھيو،محمد علي عرف امر خان ٻگھيو،ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر بئريسٽر غلام مرتضيٰ ٻگھيو،ورلڊ ٻگهيا فورم جي صدر فقير عقيل احمد ٻگھيو شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي اڳواڻ ۽ آرگنائيزر چونڊيا ويا. جنهن ۾ ڏهرڪي ۾ امن ڪميٽي جو چيف آرگنائيزر رئيس خان محمد ٻگھيو،دادو نور نبي ٻگھيو، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو، جيڪب آباد لاءِ سخي سڪندر علي ٻگهيو ۽ ٻيا چونڊيا ويا. انهي موقعي تي چونڊيل اڳواڻن چيو ته ورلڊ ٻگهيا فورم جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ جي ٻگهيا برادري جا درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪوششون ڪري مسئلا حل ڪيا ويندا،ڪن کي به اڪيلو نہ ڇڏيو ويندو ۽ سنڌ جي ٻگهيا برادري ھڪ ٿي ڪم سر انجام ڏيندي. آخر ۾ سڀني آيل ٻگهيا برادري جي چڱن مڙسن سردار حذب ﷲ ٻگھيو جو شڪريو ادا ڪندي ان عمل ساراهيو ۽ ٿورو پڻ مڃيو.