English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد ڀرسان امروٽي ڪالوني ۾ نوجوان تي چوري جي الزام هيٺ مبينا اغوا ڪري تشدد
views
|
31st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
بااثر چوري جو الزام لڳائي ٽيڪم ڀيل کي اغوا ڪرڻ بعد رسي سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻايو: وارث
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي علائقي رزاق آباد ڀرسان امروٽي ڪالوني ۾ بااثر ماڻهن مبينا طور نجی عدالت قائم ڪري، ڀيل برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان مزدور ٽيڪم ڀيل کي چوري جي الزام هيٺ اغوا ڪري رسي سان ٻڌي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو اطلاعن تي نوجوان جي زال سون ٻائي ۽ ڀيڻ لڇمي ٻائي، جڏهن کيس ڇڏائڻ لاءِ پهتيون ته مبينا طور تي بااثرن انهن ٻنهي عورتن کي به سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال م داخل ڪرايو ويو آهي شڪايت تي شاه لطيف ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي متاثر نوجوان کي بازياب ڪرائي ٿاڻي منتقل ڪيو۔ پوليس مطابق معاملي جي جاچ جاري آهي ۽ ضروري قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته واقعي خلاف ڀيل برادري جي سوين مردن، عورتن ۽ ٻارن جن ۾ چمن، پريم، الهڏنو، گولو، راڻو، نم، ڊولو، سوناري، لڇمي، سون ٻائي ۽ پور ٻائي شامل هئا امروٽي ڪالوني کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن جو الزام هو ته بااثر حاجي جاگيراڻي ۽ سندس ساٿين، اسان جي بيگناھ پورهيت نوجوان ٽيڪم ڀيل کي سج لٿي مهل چوري جي ڪوڙي الزام م کڻي اغوا ڪري رسين سان ٻڌي سخت تشدد ڪيو، جڏهن سندس زال ۽ ڀيڻ پهتيون ته انهن کي به تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو شاھ لطيف پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران وڏيري سان جي ڌر بڻجي تشدد جو شڪار بڻيل فريادي ٽيڪم ڀيل کي ئي لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ آزادي لاء ڳري رشوت طلب ڪري رهيا آھن احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر مبينا جوابدار حاجي جاگيراڻي ۽ سندس ساٿين کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي۔متاثر خاندان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي۔غيرقانوني ۽ نجی عدالت قائم ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
رزاق آباد
امروٽي ڪالوني
ڀيل
0 تبصرے