English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪوهستان واسي سماجي اڳواڻن پاران حفيظ بلوچ تي مبينا حملي جي مذمت
views
|
21st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمينن تي والار خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندڙ حفيظ بلوچ تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا: ڊاڪٽر لکمير پالاري
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڪوھستان جي سماجي اڳواڻ ڪي ڊي ايف جي چيئرمين ڊاڪٽر لکمير خان پالاري ۽ سماجي اڳواڻ حاجي محمد حسين پالاري پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪوهستان کير ٿر نيشنل پارڪ جي زمينن تي ٿيندڙ والار، وڻن جي واڍي ۽ ريتي بجري چوري ٿيڻ خلاف سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندڙ سماجي اڳواڻ حفيظ بلوچ مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو اھي تہ اھو ٿيل قاتلاڻو حملو هڪ سوچيل سمجهيل سازش آھي. پر پوليس هميشه جيان ونگاري ڪردار ادا ڪندي ڪيس داخل نٿي ڪري جنهن جي جيتري بہ مذمت ڪجي اھا گھٽ اھي، ھنن مطالبو ڪيو تہ فورن ٿاڻو بولا خان پوليس بنا دير حملي جو ڪيس داخل ڪري حملي آورن کي گرفتار ڪري سماجي اڳواڻ حفيّظ بلوچ کي تحفظ مھيا ڪيو وڃي، ڊاڪٽر لکمير خان پالاري ۽ حاجي حسين پالاري وڌيڪ چيو تہ اھڙا واقعا ھٿ وٺي ڪرائي امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنھن کي روڪڻ جي سخت ضرورت اھي، ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي جي عوام پرامن آھي، جن کي ھر دور ۾ بنيادي سھوليتن ۾ نظرانداز ڪري ٽئين شھري جيترو بہ درجو نٿو ڏنو وڃي، نوري آباد سميت ڪوھستاني پٽي ۾ صنعتي ادارن سميت وڏي تعداد ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپنيون قائم ڪيون ويون آھن، پر ڪوھستاني پٽي جي پڙھيل مقامي نوجوانن کي روزگار بہ نٿو مھيا ڪيو وڃي، جنھن ڪري ڏينھون ڏينھن بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، مٿان وري ھر مھيني 2 دفعا تيل جون قيمتون وڌائي عوام مٿان مھنگائي جو بم وسايو پيو وڃي، جنھن ڪري غريب پورھيت طبقو ھاڻي ھڪ ويلو ماني ڳڀي لاء سخت پريشاني آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري ڪوھستاني پٽي ۾ وڻن جي ٿيندڙ نسل ڪشي کي ختم ڪرائي مقامي ماڻھن کي نوري اباد جي صنعتي ادارن توڙي ونڊ پاور ڪمپنين ۾ روزگار مھيا ڪري سندن ڳوٺ پڪا ڪري کين تعليم، صحت، روزگار، روڊ، رستي، بجلي سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري امن امان جي صورتحال بھتر ڪري ڪوھستان واسين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حفيظ بلوچ
ٺٽو
0 تبصرے