ڪوٽڙي ڀرسان ناريءَ کي قتل ڪري لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف، 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڪوٽڙي ڀرسان ناريءَ کي قتل ڪري لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف، 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ڀرسان ناريءَ کي قتل ڪري ڳُجھ ڳوھ ۾ دفن ڪرڻ جو انڪشاف، 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪوٽڙيءَ ڀرسان ڳوٺ محمد خان شورو ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ جوابدارن 35 ورهين جي ناري امبرين زال نعيم شورو کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو مقتولا ناري امبرين جي ماءُ مسمات بانو شورو ڪوٽڙي ٿاڻي تي پنجن جوابدارن خلاف ڌيءَ جو قتل ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو ايف آءِ آر ۾ مزار شورو، قادر بخش شورو، مجيب شورو، نبيل شورو ۽ ضمير شورو کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو، فريادڻ جو موقف هو ته جوابدارن رات جو گهر ۾ گهڙي ڌيءَ امبرين کي گوليون هڻي قتل ڪيو جوابدارن ڌيءَ امبرين کي قتل ڪرڻ بعد خاموش رهڻ ۽ خاموشيءَ سان مڙھ دفنائي ڇڏڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون منهنجي ڏوهٽي فائزا طرفان پسند جو پرڻو ڪرڻ جو الزام جوابدارن منهنجي ڌيءَ امبرين تي هڻي کيس قتل ڪيو