ملير: پوليس پاران قرباني جا جانور ڦر ڪندڙ ٽولي جا 3 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير: پوليس پاران قرباني جا جانور ڦر ڪندڙ ٽولي جا 3 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (رپورٽر) نيو سبزي منڊي پوليس سپر هاءِ وي تي ڪارروائي ڪندي قرباني جا قيمتي جانور ڦر ڪندڙ ٽولي جا ٽي ڏوهاري گرفتار ڪري ورتا پوليس عملدارن موجب گرفتار جوابدار پوليس جي وردي ۾ ڦر جون وارداتون ڪندا هئا پوليس جو چوڻ آهي ته انهن جوابدارن جا ڪجهه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جن جي تلاش جاري آهي پوليس مطابق جوابدارن گذريل مهيني سچل ڳوٺ ۽ سائيٽ سپر هاءِ وي جي علائقن ۾ پوليس جي وردي پهري ٻه وارداتون ڪيون هيون، جن ۾ شهرين کان قرباني جا قيمتي جانور ڦريا ويا هئا. نيو سبزي منڊي پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٽيڪنيڪل ذريعن جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪيو جوابدارن وٽان پوليس جي وردي، ٽوپي، واڪي ٽاڪي، ڊبل ڪيبن گاڏي ۽ ٻه پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس موجب گرفتار ڏوهارين وٽان ڦر ڪيل پنجاهه لک رپين کان وڌيڪ ماليت جا قرباني جا جانور به هٿ ڪيا ويا آهن گرفتار جوابدارن جا نالا ٽيپو سلطان، امجد علي ۽ باز محمد ٻڌايا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ فرار ٿي ويل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.