ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ملير جي متحرڪ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ فاطمه مجيد کي ٻيهر پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ملير جي صدر مقرر ڪيو ويو آهي. ضلعي تنظيم طرفان ان جو باقاعده اعلان ٿيڻ کان پوءِ پارٽي ڪارڪنن ۽ خاص طور تي عورتن جي ونگ ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي پارٽي ذريعن موجب، فاطمه مجيد گذريل دور صدارت دوران تنظيم کي نه فقط مضبوط بڻايو، پر عورتن جي مسئلن کي به اجاگر ڪندي انهن جي حل لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي. انهن جي انٿڪ محنت، وابستگي ۽ قربانين کي ساراهيندي، پارٽي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر انهن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.پارٽي اڳواڻن پاران فاطمه مجيد کي مبارڪباد ڏيندي چيو ويو ته، سندن قيادت ۾ ليڊيز ونگ وڌيڪ سرگرم، منظم ۽ اثرائتي طريقي سان عوامي مسئلن کي سامهون آڻيندي. ان موقعي تي پارٽي ڪارڪنن خوشيءَ جو اظهار ڪندي نعرابازي ڪئي ۽ فاطمه مجيد کي گلن جا هار پارايا. فاطمه مجيد ان اعتماد تي پارٽي قيادت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هوءَ هميشه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائيندي عورتن جي فلاحي، تعليمي، صحت ۽ بنيادي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي. هن چيو ته پارٽي پاران مليل اها ذميواري هڪ اعزاز آهي، جنهن کي هوءَ ايمانداريءَ ۽ فرض شناسيءَ سان نڀائيندي.ياد رهي ته فاطمه مجيد جو شمار ملير ضلعي جي انهن باهمت ۽ دلير عورت اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو، جن هميشه عورتن جي حقن ۽ علائقائي مسئلن بابت بيباک موقف اختيار ڪيو آهي.
0 تبصرے