پاڪستان جا پڙهيل لکيل نوجوان وڏي انگ ۾ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿين پيا آهن، جيڪو هڪ سنجيده قومي مسئلو بڻجي چڪو آهي. ان جي بنيادي سببن ۾ روزگار جي مناسب موقعن جي کوٽ، ميرٽ جي اڻاٺ، ۽ سفارش تي ٻڌل ڪرپٽ نظام شامل آهن. نوجوان تعليم ۽ محنت باوجود مستقبل جي ضمانت نٿا حاصل ڪري سگهن، ان ڪري اهي ترقي يافته ملڪن جو رخ ڪن ٿا، جتي صلاحيت جي قدر، قانون جي حڪمراني، ۽ معاشي استحڪام موجود آهي.
ان کانسواءِ، مهانگائي، امن امان جي خراب صورتحال، سياسي اٿل پٿل، ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ به نوجوانن کي مايوسي طرف ڌڪين ٿي. پاڪستان ۾ تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ نوجوانن کي روزگار جي تلاش ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ۽ اڪثر انهن کي تعليم سان لاڳاپيل نه هجڻ باوجود نوڪريون ڪرڻيون پون ٿيون. اهڙي صورتحال نوجوانن جو اعتماد ختم ڪري ڇڏي ٿي، ۽ هو بهتر زندگي، عزت، ۽ محفوظ مستقبل لاءِ ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪن ٿا. جيڪڏهن اهو رجحان جاري رهيو ته پاڪستان نه رڳو پنهنجي انساني وسيلن کان محروم ٿي ويندو، پر مستقبل جي معمارن کان به.
ساڳي وقت، خاص نوجوانن (معذور ماڻهن) کي به تعليم حاصل ڪرڻ ۾ گهڻيون رڪاوٽون اچن ٿيون. گهڻا تعليمي ادارا انهن لاءِ بنيادي سهولتون مهيا نٿا ڪن جيئن ريمپ، خاص سيٽون، ۽ نظر يا ٻڌڻ ۾ مشڪل رکندڙ شاگردن لاءِ خاص وسيلا. سماجي رويا، عدم قبوليت، ۽ استاد جي تربيت جي کوٽ پڻ وڏي رڪاوٽ آهي. اڪثر خاص شاگردن کي عام ڪلاسن ۾ مناسب ڌيان نٿو ملي، جنهن سبب انهن جو تعليمي سفر ڏکيو ٿي پوي ٿو.
نوڪري يا ڪاروبار جي ميدان ۾ به انهن کي تمام گهڻيون مشڪلاتون ٿين ٿيون. گهڻا ادارا انهن کي نوڪري ڏيڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪن ٿا يا سندن صلاحيتن کي نظرانداز ڪن ٿا. حڪومت طرفان مقرر ڪيل ڪوٽا تي عملدرآمد نٿو ٿئي، ۽ نجي شعبي ۾ به موقعا محدود آهن. نتيجي ۾، گهڻا خاص ماڻهو بيروزگار ٿي وڃن ٿا يا مجبوراً گهارين تي اچن ٿا. جيڪي ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا تن لاءِ مالي سهائتا، رهنمائي، ۽ مارڪيٽ تائين رسائي جي کوٽ آهي. جيڪڏهن انهن کي مناسب تربيت، سهولتون، ۽ سماجي همٿ افزائي ملي ته اهي به معاشري ۾ باعزت مقام حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
نوجوانن کي ملڪ ڇڏڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته شفاف، ميرٽ بنياد تي جديد نوڪريون مهيا ڪيون وڃن. تعليم ۽ مهارت ۾ فرق ختم ڪري، مارڪيٽ جي گهرجن مطابق تربيت ڏني وڃي. اسٽارٽ اپس لاءِ آسان قرض، ٽيڪنيڪل سينٽرز، ۽ انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪيا وڃن ته جيئن نوجوان پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪري سگهن. حڪومت کي نوجوانن کي پاليسين ۾ نمائندگي ڏيڻي گهرجي ته جيئن هو پاڻ کي بااختيار محسوس ڪن.
اهڙيءَ ريت خاص ماڻهن کي به معاشي، تعليمي، ۽ سماجي طور تي بااختيار بڻايو وڃي. تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ انهن لاءِ خاص سهولتون مهيا ڪيون وڃن، جيئن ريمپ، تربيت يافته استاد، ۽ خاص ٽيڪنالاجي. ملازمتن ۾ ڪوٽا تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ۽ ڪاروبار لاءِ مالي امداد، تربيت، ۽ رهنمائي ڏني وڃي. انهن جي صلاحيتن کي تسليم ڪري کين راندين، فنون ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ موقعا ڏنا وڃن. جڏهن خاص ماڻهن کي عزت ۽ موقعا ملندا ته هو بار نه، پر ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اثاثو ثابت ٿيندا.
خاص ماڻهن کي صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ۾ به نمائندگي ڏيڻ گهرجي ته جيئن سندن مسئلا پارليامينٽ تائين پهچي سگهن. کين سندن حقن لاءِ احتجاج ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو افسوسناڪ آهي. ان سان گڏ، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين سهولتن ۾ به انهن لاءِ آسان رسائي ضروري آهي. نجي سواري سروسز ۾ خاص ماڻهن لاءِ خصوصي رعايت ڏني وڃي ته جيئن هو سفر ڪري سگهن. افسوس ته خاص ماڻهن لاءِ اعلانيل سهولتون صرف زباني دعوائن تائين محدود آهن. پاڪستان ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو خاص آهن، پر انهن کي هر شعبي ۾ نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت ۽ نجي ادارا خاص ماڻهن کي صحت، تعليم، ۽ ٻين خدمتن ۾ ڀرپور سهولتون فراهم ڪن، ته جيئن هو به ملڪ جا مثبت، فعال شهري بڻجي سگهن.
0 تبصرے