گرفتار جوابدار محمد انور ولد محمد امين وٽان 10 هزار رپيا روڪ ۽ چار اي ٽي ايم ڪارڊ هٿ ڪيا آهن: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمن گوٺ ٿاڻي جي پوليس ايس ايڇ او جي اڳواڻيءَ ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي اي ٽي ايم مشينن مان چوري ڪندڙ هڪ عادي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جيڪو ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وارداتن ۾ سرگرم رهيو آهي.پوليس موجب، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ محمد انور ولد محمد امين جي نالي سان ٿي آهي جنهن وٽان 10 هزار رپيا روڪ ۽ چار مختلف بينڪن جا اي ٽي ايم ڪارڊ هٿ ڪيا ويا آهن.جاچ دوران جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو ٿاڻو ميمن گوٺ، اسٽيل ٽائون، سُکن ۽ شاهه لطيف ٽائون سميت ٻين علائقن ۾ به بينڪن جي اي ٽي ايم مشينن مان رقم چوري ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي سي سي ٽي وي فوٽيجز به موجود آهي، جيڪا سندس ڏوهن جو واضح ثبوت آهي.پوليس طرفان جوابدار خلاف ايف آءِ آر نمبر 182/2025 تحت دفعا 420 ۽ 380 تعزيرات پاڪستان جي تحت مقدمو داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جوابدارن جي ڳولا ۽ رڪارڊ جي جاچ جاري آهي.پوليس اختيارين موجب، جلد ئي هن ڏوهي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل ٻين ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويندو. عوام کان اپيل ڪئي وئي آهي ته هو ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي يا فرد جي اطلاع فوري طور ويجهي ٿاڻي يا 15 تي ڏئي، جيئن سماج مان ڏوهن جو خاتمو آڻي سگهجي.
0 تبصرے