English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سمنڊ مان مڇي ماريندڙ مقامي مهاڻن تي بااثرن جو مبينا حملو، مار ڪٽ بعد مڇي ۽ رڇ ڦري ورتا
views
|
14th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
متاثرن مهاڻن بااثرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، نوٽيس وٺي ڪارروائي جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ درگاھ شاھ حسن لڳ سمنڊ ۾ مڇي ماريندڙ مقامي مهاڻن تي بااثرن جو حملو، مار ڪٽ بعد مڇي ۽ رڇ ڦري ورتا، ٻيهر سمنڊ اچڻ تي موتمار ڌمڪيون، متاثر مهاڻن بااثرن خلاف احتجاج ڪندا پريس ڪلب پهچي ويا، پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، نعري بازي، 20 هٿياربندن سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ دوران اوچتو حملو ڪري تشدد ڪيو ڄار ۽ شڪار ڪيل مڇي کڻي موتمار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا تفصيل موجب ملير ۾ درگاھ شاھ حسن لڳ سمنڊ ۾ مڇي ماريندي بااثرن جي چرچ تي 20کان وڌيڪ هٿيار بندن مقامي مهاڻن تي اوچتو حملو ڪري ڏنو مٿن تشدد ڪري رڇ ۽ مڇي ڦر ڪر فرار ٿي ويا جنهن خلاف متاثر مهاڻا عثمان شاھ ، قادر شاھ، مشتاق، گلزار، غلام ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رزاق آباد جي مک چوڪ کان ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جيڪي مهاڻن تي حملا بند ڪريو ۽ سمنڊ تان قبضو ختم ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته دگارھ شاھ حسن تي صدين کان آباد آهيون جتي ماهيگيري ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون گذريل ڏينهن انور ، قاسم، زبير ، منور سميت 20 هٿياربندن سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ دوران اوچتو حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ۽ شڪار ڪيل مڇيون،ڄار ۽ ٻيو قيمتي سامان کسي ڌمڪيون ڏنيون ته سمنڊ اسان جي جاگير آهي هتي ٻيهر مڇي مارڻ آيا ته قتل ڪري ڇڏينداسين ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا هنن چيو ته بااثرن غير ملڪي بنگالين ۽ برمين کي سامونڊي ٻيٽن تي ويهاري قبضو ڪري ورتو آهي جيڪي مختلف وقتن تي پتي جي مد ۾ ماهيگير کان ڀتو وصول ڪري رهيا آهن هنن چيو ته بااثر سمنڊ ۾ مڇي مارڻ نٿا ڏين صدين کان ماهيگيري ڪري پيٽ گذر ڪري رهيا آهيون هنن وڏي وزير، آئي جي سنڌ ، ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
مقامي مهاڻن
0 تبصرے