خيرپور ويجهو ڌاڙيلن جو ڳوٺ تي حملو، 2 ڀائر قتل

ڌاڙيلن واڱڻ ڦلپوٽو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد سندس ڀاءُ ٽرهو کي اغوا ڪري قتل ڪيو

خيرپور ويجهو ڌاڙيلن جو ڳوٺ تي حملو، 2 ڀائر قتل

خيرپور: اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعو ڦلپوٽو ۾ پراڻي تڪرار تان ڌاڙيل رحيم بخش عرف راحمون ڦلپوٽي ساٿين سميت راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، ڌاڙيلن جي حملي ۾ گوليون لڳڻ سبب واڱڻ پٽ عنايت ڦلپوٽو قتل ٿي ويو جڏهن ته ڌاڙيلن سندس ڀاءُ ٽرهو ڦلپوٽو کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل هلندڙ تڪرار تان اڳ به ٻن ڄڻن کي قتل ڪري چڪو آهي،