سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا

لاڙڪاڻو، قمبر، خيرپور، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ عورت ۽ مرد اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، لاڙڪاڻو، قمبر، خيرپور، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ عورت ۽ مرد اميدوارن احتجاج ڪيو، ان سلسلي ۾ قمبر ۾ آء بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو قمبر =مظاهرين فهيم دايو،عبدالغفار مغيري،روشن شابراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته اسان آء بي اي طرفان ورتل ٽيسٽ ۾ 40 کان وڌيڪ مارڪون کنيون 3 سال انتظار ڪرائي آفر آرڊر نه ڏنا ويا، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، هارڊ ايريا جي نالي تي 30 کان گهٽ مارڪن وارن من پسند اميدوارن کي آرڊر ڏنا ويا جيڪا ناانصافي آهي هنن مطالبو ڪيو ته آفر آرڊر ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف لاڙڪاڻي ۾ سال 2021ع دوران آءِ بي اي ذريعي پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي جي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ ويٽنگ اميدوارن طرفان آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اميدوارن صدام سانڊاڻو، سجاد چانڊيو، فريد عباسي، مريم عباسي، فائزه سومرو، محمد سليم مستوئي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سال 2021ع ۾ آءِ بي اي ذريعي پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس جي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ ڏني هئي، جنهن ۾ اسان 40 کان 50 تائين مارڪون کڻي ميرٽ تي پاس ٿياسين، پر تنهن باوجود اسان کي نوڪرين جا آرڊر جاري نه ڪيا ويا ۽ هٿ وٺي ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويو ان سلسلي ۾ اسان سميت اسان جا ساٿي اميدوار گذريل 174 ڏينهن کان وٺي جائز حق لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ويٺل آهيون، اسان ڪراچي کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪرڻ سان گڏ ٻٻرلو قومي شاھراھ تي مختلف وقتن تي ڌرڻا پڻ هنياسين، افسوس جو ان باوجود ڪوبه چونڊيل نمائندو توڙي وزير مشير اسان وٽ لڙي ناهي آيو. هنن چيو ته افسوس آهي جو پ پ چيئرمين جي تڪ جي 40 پلس اميدوارن کي نوڪرين کان محروم ڪيو ويو آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ سميت ٻين وزيرن جي تڪن ۾ 33 کان به گهٽ مارڪون حاصل ڪندڙ فيل اميدوارن کي به آرڊر جاري ڪري روزگار سان لڳايو ويو آهي،جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته هڪ سنڌ ۾ ٻٽو معيار هلي رهيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ايس اين اِي ۽ ايس ٽي آر پاليسي موجب هن وقت ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 1600 کان وڌيڪ سيٽون خالي پيل آهن ۽ سال 2021ع کان وٺي هن وقت تائين ڪيترائي استاد پنهنجي سروس پوري ڪري رٽائر ٿيا آهن، جنهن سبب به سيٽن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، جن خالي پيل جڳهن تي اسان ويٽنگ وارن اميدوارن جو حق آهي، پر تنهن باوجود اسان کي نظرانداز ڪندي ويٽنگ لسٽ جو مدو پورو ٿيڻ جو جواز ڄاڻايو پيو وڃي،جڏهن ته هن وقت اسان جي عمرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان ڪٿي به نئين نوڪري لاءِ اپلائي نه ٿا ڪري سگهون. هنن چيو ته پنهنجي جائز حق لاءِ ايندڙ 22 ۽ 23 ڊسمبر تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري بک هڙتال ڪئي ويندي،مسئلو حل نه ٿيو ته 25 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي کان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو تائين پرامن پيادل مارچ ڪري شهيدن جي مزارن اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويندو،جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ ويٽنگ اميدوار شرڪت ڪري شهيدن کي دانهن ڏينداسين، ان جي باوجود به اسان کي پنهنجو حق نه ڏنو ويو ته سنڌ اسيمبلي، وزير اعليٰ هائوس ۽ بلاول هائوس اڳيان ڌرڻا هڻي سخت احتجاج ڪيو ويندو.هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڀرتي پاليسيءَ ۾ ترميم ڪئي وڃي گذريل جنرل اليڪشن دوران ڀرتين تي پابندي واري عرصي کي ويٽنگ ٽائيم پيرڊ ۾ شامل ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق سمورن ويٽنگ اميدوارن کي ڊويزن ۽ صوبائي سطح تي آفر آرڊر جاري ڪري روزگار سان لڳائي انصاف ڪيو وڃي. مورو ۾ آل سنڌ آءِ بي اي ٽيسٽ PST/JEST پاس جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو 175 ڏينهن کان لڳاتار لڳايل ڪيمپ ۾ ويٺل اميدوارن سميت پوري سنڌ جي PST/JEST اميدوارن کي آفر آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف مورو ۾ PST/JEST اميدوارن پاران پرامن احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو. احتجاج جي اڳواڻي عارف سولنگي، عبدالله کوسو، عطاالله بروهي، اعجاز سهتو، رياض کوسو، پرويز سومرو، مدد کوکر ۽ فاروق ڏاهري ڪري رهيا هئا احتجاج دوران اميدوارن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي صوبائي سرڪار ۽ PS-35 تڪ جي چونڊيل ايم پي اي ۽ صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته چاليهه پلس (40+) اميدوار پاليسي مطابق پاس آهن، تنهن ڪري اليڪشن مهم دوران ڪيل پنهنجا سمورا واعدا وفا ڪيا وڃن ۽ چاليهه پلس ويٽنگ استادن کي ترت آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن. اميدوارن جو چوڻ هو ته گذريل پندرهن سالن ۾ ڪا به نئين SNE منظور نه ٿي آهي، جڏهن ته اسڪولن ۾ ٻارن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. شاگردن جي وڌندڙ نسبت کي نظر ۾ رکندي نيون SNE منظور ڪري، ويٽنگ ۾ ويهاريل ۽ اوور ايج ٿي ويل مورو سميت سڄي سنڌ جي چاليهه پلس ويٽنگ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن.آخر ۾ اميدوارن صوبائي سرڪار کان پرزور مطالبو ڪيو ته سندن مسئلو فوري طور حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ آل سنڌ آءِ بي اي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جيڪو به ايندڙ احتجاجي سڏ ڏيندي، ان جو ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو.، خيرپور ۾ آء بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اڄ 175هين ڏينهن به پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخر نعريبازي ڪئي مظاهري جي اڳواڻي اياز مگسي عطاءُ الرحمان شيخ اياز علي مرکنڊ جنيد ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اميدوارن احتجاج ڪندي چيو ته آفر آرڊر وٺڻ لاء اسان گذريل 175هين ڏينهن کان لڳاتار پُر امن احتجاج ڪري رهيا آهيون پر تعليم کاتي جا عملدار اسان جو آواز ٻُڌڻ لاء تيار ئي ناهي هنن چيو ته سنڌ حڪومت اسان جي ٽائيم پيرڊ ۾ به واڌ نه پئي ڪري جنهن سبب اسان جو مُستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي اسان ڪراچي تائين احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن پر اُن جي باوجود به عملدار رُڳو آسرا ڏئي رهيا آهن پر آفر آرڊر نه ٿا ملن آفر آرڊر نه ملڻ ڪري فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون