English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول جي بي آءِ ايس پي وظيفو جاري نه ٿيڻ خلاف عورتن جو ڌرڻو
90 views
|
22nd May 2025
•
سنڌي خبرون
مستحق عورتن لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي ٺٽو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي جا پئيسه جاري نه ٿيڻ خلاف مستحق عورتن پاران روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، عورتن لٺيون ۽ ڪهاڙيون ھٿن ۾ کڻي سجاول لڳ برانڇ موري وٽ ٺٽو سجاول روڊ جي ٻنهي پاسن کان رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب روڊ جي ٻنھي پاسن سوين گاڏين جو قطارون لڳي ويون. مستحق عورتن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ بينظيرانڪم سپورٽ جا پئسا جاري ڪيا ويا آهن سجاول ضلعي کي اڃاتائين پئيسه جاري نه ڪيا ويا آھن. اسان غريب مسڪين پنهنجا ڀاڙا خرچ ڪري روز شهر اچون ٿا آفسير رڳو سکڻا دلاسا ڏئي موٽايو ڇڏين. عورتن اعليٰ اختيارين ۽ ڊي سي سجاول کي اپيل ڪندي چيو ته مستحق عورتن جي وظيفي جي ٽن مهينن جي قسط جي رقم جلد کان جلد جاري ڪئي وڃي. جيستائين اسان جو مطالبو نه مڃيو ويندو تيستائين ڌرڻو جاري رهندو. ڌرڻو هڪ ڪلاڪ جاري رهڻ بعد اي ڊي سي ون ۽ ٽو ڌرڻي وٽ پهچي عورتن کي سان ڳاله ٻوله ڪري ٽن ڏينهن ۾ پئيسه جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو جنهن بعد عورتن ڌرڻو ختم ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
bisp
0 تبصرے