ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء ڪٺ ٿي گذريو

ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء ڪٺ ٿي گذريو

ٺٽو( ڊر) ٺٽي ضلعي سميت ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء ڪوھستان واسين جو ھڪ ڪٺ جنگشاھي لڳ ڳوٺ حاجي روح الدين جوکيو ۾ اڳوڻي ايم پي اي سردار ڄام اويس گھرام جوکيو جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو، سابقہ يوسي ناظم بشير احمد جوکيو، يوسي ڇيئرمين بابو غلام مصطفي جوکيو، ڊاڪٽر عبدالواحد بروھي، پير سڪندر شاھ، محمد علي ميراڻي، بخت علي جوکيو سميت جوکيا برادري سان گڏ سمورين برادرين جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي منعقد ڪيل اجلاس کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم پي اي سردار ڄام اويس گھرام جوکيو چيو تہ اسانجي ھميشہ ڪوشش رھي اھي تہ اسانجو ھر ٻار تعليم پرائي پنھنجو مستقبل سنواري، منشيات اسانجي نوجوان نسل کي تباھي طرف ڌڪي رھي آھي، جنھن ناسور کي ختم ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، ھن چيو تہ اسانجي گڏ ٿيڻ جو ھڪ ئي مقصد آھي تہ اڄ کانپوء ڪير بہ اھو منشيات جو ڪڌو ڪاروبار نہ ڪندو ۽ نہ ئي ڪوھستاني پٽي ۾ ان زھر کي پکڙجڻ ڏيندا، ھن چيو تہ ھي آخري موقعو آھي، ھاڻي ان عمل ۾ جيڪو بہ ڏٺو ويو اھو ڪھڙي بہ برادري سان واسطو رکندڙ ڇو نہ ھجي ان خلاف سختي ڪري ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪرائي ويندي، سردار ڄام اويس گھرام چيو تہ ھن ٿيل گڏجاڻي ۾ سندن ڪيل منشيات جي خاتمي وارن فيصلن تي سمورا ڪوھستان واسي سنجيدگي سان عمل ڪري ان ناسور کان اسانجي نوجوان نسل کي ھميشہ لاء بچائين. ھن چيو تہ جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي ڌرتي، پاڻي، وسيلن ۽ ايندڙ نسلن جي حقن لاءِ آواز نه اٿارينداسين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. ھن چيو تہ کيس اميد اھي تہ سنڌ جا سمورا باشعور ماڻهو، سماجي اڳواڻ ۽ نوجوان گڏجي پنهنجي ڌرتي ۽ ايندڙ نسلن جي حقن جي حفاظت لاءِ هڪ آواز بڻجي پنھنجي نوجوان نسل کي منشيات جھڙي زھر مان نجات ڏياريندا. ان موقعي آيل سمورن ماڻھن پاران ھٿ مٿي ڪري سردار ڄام اويس گھرام سان منشيات جي مڪمل خاتمي جو کيس يقين ڏياريو ويو. جيئن اسانجو معاشرو صحتمند رھي سگھي.