English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جو سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڀٽ شاهه مان نڪتل پيادل مارچ منزل طرف روان دوان، سنڌياڻي تحريڪ جون عورتون به شريڪ
views
|
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
مٽياري /ڀٽ شاھ: قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جو 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڀٽ شاھ کان نڪتل درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ ٻئي ڏينھن خاصخيلي واٽر کان قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون ، مٽياري ضلعي صدر ماجد خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي، الطاف خاصخيلي، نذير بليدي، معشوق چانڊيو، فريد ملاح، نعيم خاصخيلي، خادم سمون، عبدالغفور کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿيو. درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ اڄ رات خيبر ۾ ترسندو، جتان سڀاڻ مٽياري طرف روانو ٿيندو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ 85 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ باوجود پنجاب ۽ ارسا پنهنجي ڏاڍ مڙسي ذريعي تونسا پنجند لنڪ ڪينال کولي سنڌ کي مڪمل سڪائڻ چاھين ٿا، سنڌو درياھ ريگستان بنجي ويو آھي، سڪل درياھ ۾ واري پئي اڏامي. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي. 1991 ٺاھ تي عمل نٿو ڪيو وڃي. سنڌ کي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. مظھر راھوجي چيو تہ گرين پاڪستان معني سڄو پاڪستان سائو هجي۔ شهباز شريف ۽ مريم نواز جي پاليسي آهي تہ گرين پاڪستان معني پنجاب سائو ڪجي باقي سنڌ زرد ٿئي سڪي ڀڙڀانگ ٿئي ۽ پوء سنڌ ۾ رڳو لاش ئي لاش هجن۔ پاڻي نہ هوندو تہ سنڌ جا ماڻهو ڪشتو کڻي پنڻ تي مجبور هوندا۔ انڪم سپورٽ ذريعي اڳ ۾ ئي عورتن کي پنڻ سيکاريو ويو آهي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي سمجهي ٿي تہ اسان وفاق سان سنڌ جو سودو ڪيو آهي تہ سنڌ خاموش رهندي ۽ سر نگون رهندي پيپلزپارٽي کي سمجهڻ کپي سنڌ پنهنجي پاڻي جو هڪ ڦڙو بہ وفاق کي ڏيڻ نہ ڏيندي نواز ليگ کي مضبوظ ڪرڻ لاء سنڌ پيپلزپارٽي کي لکي ڏئي ڇڏي اٿن، پيپلزپارٽي بي ٽيم وارو ڪرادار ادا پئي ڪري۔ پاڻ سڀ سنڌ واسي وفاق کي سنڱ چٽي ۽ بدي ۾ ڏنل آهيون، زرداري انهن کي پڪ ڏياري آهي تہ سنڌ منهنجي کيسي ۾ پئي آهي، سنڌ جي احتجاجن کي ڪير ٿو پڇي۔ پر زرداري کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي، سنڌ جا ماڻهو زرادري کي سنڌ جو پاڻي زمينون ۽ وسيلا ڪون ڏيڻ ڏيندا. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌيو پنھنجي بربادي کي روڪيو. سنڌو درياھ کي بچايو. 6 ڪئنالن کي روڪيو. سنڌ دشمن منصوبن خلاف اياز لطيف پليجي جو ساٿ ڏيو. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان منصوبو قاتل منصوبا آھن. سنڌ شمن منصوبا آھن. پيپلز پارٽي حڪومت کي سنڌ سان ڪو بہ پيار ناھي. ھنن کي اقتدار ۽ پئسي سان پيار آھي. ان لاء ھو درياھ وڪڻي رھيا آھن. سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش کي روڪيو. اسان کي تباھي ۽ بربادي جا منصوبا قبول ناھن. وفاقي حڪومت سنڌ دشمن آھي. قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ چيو تہ پيپلزپارٽي نواز ليگ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون گرين پاڪستان جي نالي ۾ مختلف ڪمپنين کي ڏئي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاھين ٿيون. سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ لاڙ جي ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. سنڌ جون نياڻيون جيستائين زنده آھن تيستائين پنهنجي سنڌو درياھ ۽ زمينن تي قبضو ٿيڻ ھرگز نہ ڏينديون. پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ سنڌي ماڻهو خوشحال ٿيڻ بدران اسان جا غلام ھجن پيپلزپارٽي پنهنجي 17 سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي مصيبتن کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي. سجاد بروھي چيو تہ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت گڏجي سنڌ دشمن منصوبا جوڙي رھيا آھن. 6 ڪئنال ڪڍي ھميشه لاء سنڌو درياھ کي بند ڪيو ويندو. شھباز شريف ڪا نئين يونيورسٽي ڇو نٿو سنڌ ۾ ٺاھي. ڪا نئين اسپتال، ڪو صنعتي زون ڇو نٿو سنڌ ۾ قائم ڪري جنھن جو سنڌ کي فائدو ٿئي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ ڪئنالن ۽ زمينن تي قبضن لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ حملو ڪيو پيو وڃي. ترجمان
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
16th Apr 2025
•
سندھ
کراچی میں ٹریفک قوانین کی خلاف ورزی, ایک ہفتے کے دوران 11,276 موٹر سائیکلیں اور 223 بھاری و ہلکی گاڑیاں ضبط
16th Apr 2025
•
تازہ ترین
بی این پی مینگل کا 20 روز سے جاری دھرنا ختم کرنے کا اعلان
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڌڻي پرتو ڳوٺ ۾ پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌياڻي تحريڪ
قومي عوامي تحريڪ
سنڌ دشمن منصوبن
ڀٽ شاهه م
درياھ بچايو سنڌ بچايو
0 تبصرے