اسٽيل ملز جي برطرف پورهيت اڳواڻن ۽ آفيسر ايسوسيئيشن هنگامي گڏجاڻي

اسٽيل ملز جي برطرف پورهيت اڳواڻن ۽ آفيسر ايسوسيئيشن هنگامي گڏجاڻي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل مل مان جبري برطرف ڪيل 1350 پورهيتن ۽ اسٽيل مل جي بحالي لاءِ پورهيت اڳواڻن ۽ آفيسر ايسوسيئيشن جي ھنگامي گڏجاڻي، گرينڊ الائنس جوڙي جوڙيو ويو، عيد کان اڳ ئي وڏي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان تفصيل موجب اسٽيل مل مان جبري برطرف ڪيل 1350 پورهيتن ۽ اسٽيل مل جي بحالي لاءِ پورهيت اڳواڻن ۽ آفيسر ايسوسيئيشن جي ھنگامي گڏجاڻي اسٽيل ٽائون ۾ سڏائي ويئي جنهن ۾ گرينڊ الائنس جوڙي جوڙڻ تي اتفاق ڪندي عيد کان اڳ ئي وڏي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو گڏجاڻي ۾ شمشاد قريشي، ڌڻي بخش سمون، امجد زرداري، اڪبر ناريجو، نسيم حيدر، عاصم ڀٽي، علي حيدر گبول، سليم گل، اڪبر ميمڻ سميت ٻين پورهيت يونين جي اڳواڻن جي شرڪت ڪئي اجلاس م موقوف اختيار ڪيو ويو ته اسٽيل مل کي وفاقي حڪومت ۽ اسٽيل مل انتظاميا تباھ ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل، ايجوڪيشن، سيڪيورٽي سميت مختلف ڊپارٽمينٽ مان پورهيتن آفيسرن کي نيڪالي ڏئي اسٽيل مل کي مڪمل بند ڪرڻ جو پلان ٺاهي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پورهيت اڳواڻن جو چڻ هو ته اسٽيل مل جي جي 19 هزار ايڪڙ زمين اربين رپين جي مشينري، پلانٽ تيار ٿيل مٽيريل اسڪريپ نيلام ٿي رهيو آهي ذميواري وفاقي سرڪار ۽ اسٽيل مل انتظاميا تي آهي هنن چيو ته اسٽيل مل مان روزانو ڪروڙين رپين جو لوھ قيمتي مٽيريل چوري ٿي رهيو آهي هي تباهي پورهيتن جي معاشي قتل لاءِ ڪئي پئي وڃي هاڻي عيد کان اڳ فيصلائتي جدوجهد ڪئي ويندي