ڪانفرنس جو خاص مهمان اڳوڻو سينيٽر شاهين جمعيت حضرت مولانا حافظ حمدالله هو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت جي زيِرِ اهتمام شاهه ٽائون ۾ عظيم الشان تحفظ ختمِ نبوت ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ڪانفرنس جو خاص مهمان اڳوڻو سينيٽر شاهين جمعيت حضرت مولانا حافظ حمدالله هو۔ ان موقعي تي عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت ڪراچي جي امير حضرت مولانا مفتي اعجاز مصطفىٰ، ڪراچي جا مبلغ حضرت مولانا عبدالحئي مطمئن ۽ ضلعي ملير جا مبلغ حضرت مولانا مفتي اسحاق ۽ مشهور قاري فضل عظيم پڻ شرڪت ڪئي۔ مقامي علمن ۾ جمعيت علماءِ اسلام گڏاپ ٽائون جي جنرل سيڪريٽري قاري حمدالله حقاني، حضرت مولانا طارق محمود قاسمي، مفتي مبشر سميت ٻين ڪيترن ئي عالمن ۽ ماڻهن شرڪت ڪئي۔ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ختمِ نبوت جي عقيدي جي اهميت تي تقريرون ڪيون ۽ امتِ مسلمه کي ختمِ نبوت جي تحفظ لاءِ عملي جدوجهد جاري رکڻ تي زور ڏنو۔ ڪانفرنس جي انتظاميا ۾ انجنيئر عمر رفيق، مولانا حذيفه، مولانا شعيب، مولانا نصيب الله، مولانا نديم ۽ ٻين ساٿين جو ڪردار نمايان رهيو، جن شاندار طريقي سان انتظامي ذميواريون نڀايون۔ جلسي جي پڄاڻيءَ تي ملڪ ۽ ملت جي سلامتي، امتِ مسلمه جي اتحاد ۽ ختمِ نبوت جي تحفظ لاءِ خاص دعا گهري وئي۔
0 تبصرے