اديبن ۽ صحافين طرفان مدرسي ۾ جديد سائنسي لائبريري تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي اديبن ۽ صحافين طرفان اسلامي مرڪز دارالقرآن جو دورو، مدرسي ۾ جديد سائنسي لائبريري تي خوشيءَ جو اظهار عالمي سطح جي شهرت يافته مذهبي اڳواڻ مولانا محمد اسماعيل اودي مدرسي جو بنياد رکیو هو انتظامیہ جي طرفان الفاروق لائبيريري ۾ عربي سکڻ ۽ مختلف مذهبي معاملن تي ليڪچر سيريز بابت بريفنگ ڏني وئي شڪارپور جي نامور اديبن ۽ صحافين، آغا نور محمد خان پٺان، عديل مهر، نسيم بخاري، انور سومرو، عديل علوي ۽ سليم سومرو ، شڪارپور جي مشهور ۽ معروف ريٽائرڊ پروفيسر ۽ "شڪارپور جون مسجدون" ڪتاب جي مصنف عبدالحي مورياڻي جي مدرسي دارالقرآن سان لاڳاپيل لائبريري الفاروق ۾ قائم ڪيل اسلامي مرڪز جو دورو ڪيو حافظ عبدالقيوم خلجي اديبن ۽ صحافين کي مدرسي ۽ لائبريري بابت تفصيلي معلومات ڏني۔هن ٻڌايو ته جديد سائنسي طرز تي اسلام کي سمجهڻ ۽ اسلامي ڄاڻ کي وڌائڻ لاءِ مسلسل جستجو ۾ آھيون ۔هن وڌيڪ چيو ته عربي زبان ۽ ديني علمن جي حوالي سان نامور شخصيتن جي ليڪچر سيريز شروع ڪئي وئي آهي۔وڏي اسڪرينن ذريعي ويڊيوز وسيلي به دين ء دنيا جي ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ٿي ھن چيو ته اسان طالبن کي ماڻهن جي گهرن مان ماني وٺڻ لاءِ نه موڪليندا آھيون ، پر انهن جي عزتِ نفس ۽ وقار جو خيال رکندي، سندن خوراڪ جو انتظام پاڻ ڪندا آهيون مدرسي ۽ طالبن جي هاسٽل جو مرمتي ڪم پڻ جاري آهي ان موقعي تي انڊس ڪاٽيج لائبريريز نيٽورڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ اديب آغا نور محمد پٺان پنهنجي يادگيرين جو ذڪر ڪندي چيو ته مدرسي ۾ لائبريري جي موجودگي تي کيس ڏاڍي خوشي ٿي آھي ھن نه صرف پنهنجي طرفان مڪمل تعاون جي پڪ ڏياري، پر مختلف قومي ۽ بين الاقوامي ادارن سان به لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوشش جو به واعدو ڪيو ان موقعي تي ڪالم نگار نسيم بخاري پڻ الفاروق لائبريري ۽ اسلامي سينٽر لاءِ پنهنجون خدمتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي۔ادبي ۽ صحافتي وفد ۾ شامل ٻين شخصيتن به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ويو
0 تبصرے