English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
27هين آئيني ترميم ملڪ ۾ ننگي ڊڪٽيٽرشپ جو اعلان آهي: وسند ٿري
319 views
|
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عدليا کي قيد ڪري ملڪ ۾ عوام جا بنيادي جمهوري ۽ آئيني حق معطل ڪيا ويا آهن: عوامي تحريڪ جو صدر
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدرايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو آهي ته ستاويهن (27هين) آئيني ترميم وسيلي سپريم ڪورٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي ۽ ان جا اختيار محدود ڪري وفاقي آئيني ڪورٽ ٺاهي عدليا تي راتاهو هنيو پيو وڃي۔ هن چيو ته عدليا کي قيد ڪري ملڪ ۾ عوام جا بنيادي جمهوري ۽ آئيني حق معطل ڪيا ويا آهن، جيڪا عملداري قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان جي فڪر ۽ اصولن جي قتل برابر آهي۔هو گذريل ڏينهن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پروگرام “ميت دي پريس” ۾ مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، ڪراچي ڊويزن سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، ملير ضلعي صدر پرهه سومرو، علي محمد ڪلمتي ۽ ٻين سان گڏ ڳالهائي رهيو هو۔وسند ٿري چيو ته 27هين آئيني ترميم بدترين جمهوريت جو چهرو وائکو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ننگي ڊڪٽيٽرشپ کي آئيني شڪل ڏني وئي آهي۔ حڪمران پاڻ کي احتساب کان مٿانهون بڻائي بادشاهي نظام قائم ڪرڻ چاهين ٿا، جتي ڪرپٽ حڪمرانن کان به پڇاڻو نه ٿيندو هن چيو ته عدليا کي آئين جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، وڪيل برادري کي 27هين آئيني ترميم خلاف جدوجهد ڪري عدليا کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، ڇو ته تاريخ سپريم ڪورٽ کي پنهنجي ماضي جا داغ ڌوئڻ جو موقعو ڏئي رهي آهي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته حڪمران پارٽيون پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ فارم 47 وارن اسيمبلي ميمبرن وسيلي زوري زبردستي 27هين ترميم منظور ڪرائڻ چاهين ٿيون، جيئن بدترين مارشل لا کي اسيمبلين وسيلي قانوني شڪل ڏئي سگهجي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ بدترين مارشل لا حڪمراني جو مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي، جن جي بدانتظامي ۽ اقتدار جي حرص سبب جمهوريت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو ويو آهي ان موقعي تي اقبال جروار، عزيز لانگاهه، ڊاڪٽر رحمت الله بروهي، امر مگسي، مير نوروز ڪلمتي، محمد علي ساهڙ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
21st Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کا سینئر رکن سہیل سانگی کے صاحبزادے کی گمشدگی پر شدید تشویش کا اظہار
21st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڦل شهر زندگي زهر - مسئلن ۾ ڦاٿل ڦل شهر
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ اُرڙي وگھي ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت، گھر ۾ ڪھرام متل
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ آغا سجاد ميمڻ جي موبائيل شاپ تي مبينا حملو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پلي جي شڪار ۾ اضافو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف علائقي واسين جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
صدرايڊووڪيٽ وسند ٿري
0 تبصرے