English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ڀرسان ڄاڃين سان حادثي دوران فوت ٿيل ٽن ٻارڙن ۽ عورت جي سوين آلين اکين سان تدفين
208 views
|
30th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
10ورهين جي بسما، 14ورهين جي عبدالله، 12ورهين جي ماجد ڪيريو ۽ 50 ورهين جي زرينا چنو جي جنازي نماز بعد تدفين
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ ڍنڍ ٻاهران ٽريڪٽر ڊرائيور جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب ڄاڃين سان پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ هڪ عورت سميت 3 ٻارڙن جي ڳوٺ ڍنڍ ۾ جنازي نماز پڙهي وئي. جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن سياسي سماجي ماڻهن ۽ ايئرپورٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او لياقت علي کجڙ شرڪت ڪئي.بعد ۾ کين سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.ڄاڃين جي کاهي ۾ ڪلٽي ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي ۾ 50 سالن جي زرينا زال مرحوم انور چنو. 10سالن جي بسما 14 سالن جو عبدالله ڪيريو ۽ نصيرآباد جي ڳوٺ مُڏا ڏيرا جي رهواسي 12 سالن جو ماجد ڪيريو شامل آهن.هوڏانهن حادثو ڪندڙ ٽريڪٽر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو هو جيڪو اڃان تائين هٿ نہ آيو آهي.ڳوٺاڻن حادثي جو ذميوار ٽريڪٽر ڊرائيور کي قرار ڏنو آهي.ان موقعي تي پ پ تعلقي صدر منير سوهو،غلام محمد ڏيرو،اياز جت،وقار سومرو،جي اطهر ميمڻ ذيشان ميمڻ ،مجيب الرحمان ڏھر،خان محمد مشوري،قلندر بخش سوهو،نور محمد سرگاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري
0 تبصرے