سجاول ۾ آل گورنمنٽ ملازم اتحاد پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

حاجي مظفر علي خان لغاري، مختيار دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

سجاول ۾ آل گورنمنٽ ملازم اتحاد پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

سجاول (رپورٽر) آل گورنمنٽ ملازم اتحاد ضلع سجاول طرفان سجاول ۾ پاڪستان ورڪر فيڊريشن سنڌ ضلعي سجاول جي چيف آرگنائيزر حاجي مظفر علي خان لغاري ضلعي جي آرگنائيزر مختيار احمد دايو, محمد بچل لغاري , علي محمد گرماڻي ,سائين محمد عمر ميمڻ, فياض حسين شيخ ,محبت علي لغاري .فياض سماجي اڳواڻ رشيد آزاد .گل محمد لغاري , جي اڳواڻي ۾ ايريگيشن آفيس کان ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ روڊ تي احتجاج ڪيو ويو اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر تمام وفاقي و صوبائي کاتن جي هيٺين درجي جي سرڪاري ملازمن پورهيتن جي گڏيل پليٽ فام تان سنڌ حڪومت کان گهر ڪجي ٿي فوري طور تي پينشن اصلاحات بل کي رد ڪري 30% ڪٽوتي ختم ڪري هن وقت مزدور طبقي خلاف حڪومت ، ۽ ٻين ادارن پاران مختلف نوٽيفڪيشن جاري ڪندي انهن جي جائز حقن کي ختم ڪيو پيو وڃي جيڪا سراسر نا انصافي آهي مهرباني ڪري اهڙن عملن کي روڪيندي، نڪتل آرڊر واپس ڪندي انهن جو ازالو ڪيو وڃي ۽ پيش ڪيل چارٽر آف ڊمانڊ تي ڳالهيون ڪندي مظلوم مزدورن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ مجبورن سنڌ جي سڀني ملازمن ۽ پورهيتن طرفان پنهنجي حقن لا ء پاڪستان ورڪرس فيدريشن نڌ 10 فيبروري تي ٿيندي ملڪ گير احتجاج جي حمايت ڪندي ريجن جي پليت فام تان پوري سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي ويئي آهي ظاهري طور عوامي حڪومت هوندي هن وقت ملازم تمام گهڻا پريشان آهن .ھن پنھنجي چارٽر آف ڊمانڊ*تي عمل ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو احتجاج ۾ . ايجوڪيشن يونين.ھيلٿ .روڊس.ڊرنيج.آپباشي.ڪلرڪ يونين سميت سمورن سرڪاري کاتن جي ملازمن شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي حقن کي مڃرائڻ لاء نعريبازي ڪئي وئي