زائرين ۽ عقيدتمندن کي گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ اوقاف کاتي جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي: سيڪريٽري اوقاف
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر چيو آهي ته سنڌ صوفي بزرگن ۽ درويشن جي ڌرتي آهي، جن هميشه پيار، محبت، امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، سندن ڏنل تعليم تي عمل ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، بزرگن جون مزارون روحانيت ۽ فيض جون نديون ۽ اسان سڀني جو قيمتي اثاثو پڻ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي عظيم بزرگ حضرت عبدالله شاهه اصحابي جي مزار تي چادر چاڙھي دعا گهرڻ کان پوءِ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته درگاھن تي ايندڙ زائرين ۽ عقيدتمندن کي گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ اوقاف کاتي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، درگاھن جي تقدس کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. ان موقعي تي هن درگاهه جي احاطي ۾ نئين تعمير ٿيل شيلٽرن جو معائنو ڪيو، جڏهن ته زائرين لاءِ نئين مسافر خاني ۽ ڪمرن جي تعمير جي سُست رفتاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي موقعي تي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته مسافر خاني ۽ ڪمرن جي تعميراتي ڪم سميت واش رومز جي مرمت لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن ته جيئن زائرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن اوقاف کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته 12 کان 14 فيبروري 2025 تائين جاري رهندڙ حضرت عبدالله شاهه اصحابي جي سالياني عرس جي موقعي تي درگاهه جي نگراني لاءِ سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ ۽ واڪ ٿرو گيٽ لڳائڻ سميت زائرين ۽ عقيدتمندن جي سهولت لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي، وضو، واش رومز، مسافر خاني، لنگر ۽ ٻين ضروري انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن زائرين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي. بعد ۾ صوبائي سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي لائبريري مڪلي جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر کي هدايت ڪئي ته لائبريري جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم شروع ڪري جلد مڪمل ڪيو وڃي تہ جيئن لائبريري کي فعال بڻائي سگهجي.
0 تبصرے