عمرڪوٽ ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو

اجلاس جي صدارت ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ ڪئي، هلندڙ منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو

عمرڪوٽ ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCCN) جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ منعقد ڪيو ويو، اجلاس جو مقصد هلندڙ منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليون ٺاهڻ هو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته حمل واري عورتن، کير پياريندڙ مائرن ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تمام ضروري آهن، هن صحت جي منصوبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي تعاون تي زور ڏنو، ان موقعي تي غذائي کوٽ واري خاتمي جي پروگرام جي ڊويزنل هيڊ ميرپورخاص خاوند بخش سيال پاران اجلاس کي غذائي کوٽ جي خاتمي ۽ صحت جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اي اي پي ٽاسڪ فورس، يونيسيف، صحت کاتي ۽ ڊبليو ايڇ او سان گڏجي ڪنري ۾ هڪ نئون نيوٽريشن اسٽيبلائيزيشن سينٽر قائم ڪيو ويندو جنهن سان علاج تائين رسائي بهتر ٿيندي، ان موقعي تي فورم ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته اي اي پي ٽاسڪ فورس تحت فشريز کاتي طرفان قائم ڪيل مڇي جي تلائن جو دورو ڪيو ويندو ۽ مڪاني حڪومت، زراعت کاتي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي سان گڏجي پروگرام ۾ شامل ٿيندو، ان کان علاوه، فشريز کاتي سان گڏ صحرا ٿر جي علائقن ۾ بائيو فلاڪ تلائن جي قيام تي به ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پاران بهبود آبادي کاتي کي هدايت ڪئي وئي ته 10 ڏينهن اندر هڪ "فيملی ھيلٿ ميلا" منعقد ڪيو وڃي جنهن ۾ سمورا لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز شامل ڪيا وڃن، ان موقعي تي اجلاس ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز گڏجي غذائي کوٽ جي خاتمي ۽ عمرڪوٽ جي لاچار آبادي جي صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، اجلاس ۾ صحت کاتي جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد علي نھڙي، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، پي پي ايڇ آئي جي ڊي ايم شريف الدين ميمڻ، ڊبليو ايف پي، ممتا پروگرام جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر ميڊم خديجه، فشريز کاتي، مڪاني حڪومت، سماجي تنظيمن ھينڊز، سرسو سميت مختلف سماجي تنظيمن ۽ ٻين اهم اسٽيڪ هولڊرز جي نمائندن شرڪت ڪئي..