مخدوم محمد زمان طالب المولي، هڪ شاندار شخصيت

نزاڪت علي سومرو

مخدوم محمد زمان طالب المولي، هڪ شاندار شخصيت

سنڌ ڌرتي تي جيڪي انمول هيرا پيدا ٿيا آهن تن ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولي جو نانءُ بہ اهميت رکي ٿو.

هي سنڌ جو ناليوارو شاعر۽ اديب مخدوم محمد زمان طالب المولي مخدوم غلام محمد جي گھر ۾ 4 آڪٽوبر 1919ع تي هالا ۾ پيدا ٿيو، پاڻ مخدوم نوح سرور جو سترهون گادي نشين هيو. طالب المولي قرآن پاڪ جي تعليم مولانا ولي محمد کان ورتي، سنڌي تعليم استاد حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ آخوند عبدالرحمان انجم کان ورتي فارسي مولوي عبدالحئي ۽ مولوي محمد عالم وٽ پڙهيو. مخدوم صاحب کي شاعريءَ، راڳ۽ راندين سان ننڍپڻ کان لڳاء هو.

مخدوم صاحب رڳ جي ڄاڻ استاد سينڌي خان ورتي. موسيقيءَ سان لڳاء هجڻ جي ڪري پاڻ هڪ نئين راڳڻي ايجاد ڪئي جنهن جو نالو استاد منظور علي خان "زماني ٽوڙي" رکيو. سندس شروعاتي شاعريء ۾ بيوس، فراق ۽ شاه زمان تخلص ڪم آندل آهن . پر بعد ۾ طالب المولي تخلص ڪم آندائين. جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو.پاڻ شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائون،پر سندس ڪافي ۽ غزل تي تمام عمدہ شاعري ملي ٿي.

پاڻ ڪافي جي صنف تي تحقيقي ڪم بہ ڪين. سندس ڪلام عابده پروين، رونا ليلا، استاد منظور علي خان ۽ ٻين ناليوارن فنڪارن ڳايو آهي. مخدوم صاحب جي سرپرستي ۾ مختلف اخبارون ۽ رسالا نڪتا. مخدوم صاحب جي خدمتن جي عيوض کيس تمغه پاڪستان، هلال امتياز ۽ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو.

مخدوم طالب المولي جي ڪتابن ۾

(1) بهار طالب شاعري 146ع (2)رباعيات طالب (شاعري: 1949ع)، (3) اسلامي تصوف (مرتب: 1951ع)، (4) شيطان (1951ع)، (55) خود شناسي (ترجمو: 1952ع)، (6) غزالي جا خط'>امام غزالي جا خط (1953ع)، (77) ياد رفتگان (مرتب: 1953ع ۽1994ع ۾ وڌايل ڇاپو)، (8) مثنوي عقل وَ عشق (1955ع ۽ 1983ع)، (9) ڪچڪول (اردو، سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي شاعري: 1955ع)، (10) ڪافي (تحقيق: 1962ع)، (11) شانِ سروري (شاعري: 1958ع)، (12) بي پير اکيون (شاعري: 1987ع)، (13) سنڌ جو سانوڻ (مثنوي: 1982ع)، (14) ديوان طالب الموليٰ (1982ع)، (155) آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه (1982ع)، (16) شام وَ صبح (1982ع)، (17) ڇپر ۾ ڇڙيون (شاعري: 1971ع)، (18) مصري جون تڙون (ملفوظات: 1990ع)، (19) سدا وسين سنڌڙي (شاعري: 1990ع)، (20) آب حيات (بيت- ڪافيون: 1990ع)، (21) چهنڊڙيون (شاعري: 1992ع)، (22) منهنجو ننڍپڻ (يادگيريون: 1993ع)، (23) مضامين طالب الموليٰ (علمي ۽ ادبي مضمون: 1994ع)، (24) بهار ستان (شاعري: 1994ع)، (25) لغات سنڌي مخففات (1991ع)، (26) شان حسين (2004ع)، (27) انتخاب ڪلام طالب الموليٰ (1993ع) وغيره شامل آهن . مخدوم صاحب جي ملفوظات تي مشتمل ڪتاب مصريءَ جون تڙون انگريزي ترجمو 1997ع ۾ شايع ٿيو اهو ترجمو حبيب الله صديقي صاحب ڪيو.

مخدوم طالب المولي 11 جنوري 1993ع تي وفات ڪئي.