ٺٽو ۾ ايڪتا ڏهاڙي تي ثقافتي رنگن سان رڱجي ويو، پرائمري اسڪول ۾ تقريب منعقد

بوائز پرائمري اسڪول حاجي محمد ابراهيم پنهور ۾ تقريب دوران ٻارڙن ٽيبلوز پيش ڪيا، گيتن تي جهمريون

ٺٽو ۾ ايڪتا ڏهاڙي تي ثقافتي رنگن سان رڱجي ويو، پرائمري اسڪول ۾ تقريب منعقد

ٺٽو (شفيق ڀٽي)ٺٽي جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي محمد ابراهيم پنهور ۾ ثقافت ڏهاڙو جوش جذبي سان ملھائيندي پروگرام جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ اسڪولي ٻارڙن ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ٽوپي سان محبت ڪندي اجرڪون ۽ ٽوپي پائي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو تقريب ۾ پ پ پ تعلقه صدر ۽ چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاباري محمد رمضان پنهور پروگرام ۾ مھمان خاص ھو ايڪتا پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ تي سنڌ جي ثقافت پٽڪو ٻڌرايو ويو انهي موقعي تي وائيس چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاباري ممتاز علي شورو سميت استادن، اسڪولي شاگردن والدين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي