English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو قومي سڃاڻ ۽ رنگن جي خوشبوءَ سان روشن، استادن، شاگردن، سياسي سماجي اڳواڻن، فنڪارن ۽ شهرين جي ڀرپور شرڪت
348 views
|
07th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ ڪانجي مل رکيسر) پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو سنڌي ثقافتي ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جنهن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن، استادن، شهرين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت مختلف طبقه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجرڪ، سنڌيءَ ٽوپي، رنگا رنگ لباس ۽ سنڌيءَ سرن جي گونج سان سڄو شهر سنڌ جي محبت ۽ ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، تقريب ۾ اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، رحيمداڻي اڪيڊميءَ جي صدر رسول بخش رحيمداڻي، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي پرنسپال عبدالرؤوف سومرو، اديب ارباب نيڪ محمد، ايس ٽي پي اڳواڻ معيار بنگلاني سميت ٻين خطاب ڪيو، هنن چيو ته سنڌيءَ ثقافت رڳو لباس، موسيقي يا ٻولي نه پر هزارين سالن کان هلندڙ تهذيب، تمدن ۽ فڪر جو روايتن ڀريو وهڪرو آهي، موئن جو دڙو، مهراڻ جي ڪنارن، شاهه لطيف جا بيت، سچل سرمست جو صوفي فڪر، راڳ، ڌمال ۽ اجرڪ سڀ سنڌ جي تاريخي سڃاڻ ۽ قديم تهذيب جو روشن حوالو آهن، سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي جيڪا محبت، رواداري، انسان دوستي ۽ ڌرتي سان وفاداري جو پيغام ڏئي ٿي، هنن چيو ته ثقافتي ڏينهن ملهائڻ رڳو جشن نه پر ايندڙ نسلن تائين پنهنجي سڃاڻ ۽ ورثي کي منتقل ڪرڻ جو مقدس فرض آهي، سڀني اڳواڻن گڏيل طور تي ڪرپشن، بدعنواني، رشوت خوري ۽ منشيات جي خلاف آواز اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن معاشري کي ترقي ڏيڻي آهي ته انهن ناسورن کي جڙ کان ختم ڪرڻ ضروري آهي، هنن زور ڏنو ته نوجوان پنهنجي ڌرتيءَ پنهنجي سڃاڻ ۽ پنهنجي روايت بچائڻ سان گڏ سماجي برائين خلاف علم بلند رکن، ڇو ته هڪ پاڪ ۽ بدعنواني کان پاڪ سماج ئي ثقافت کي هميشه زنده رکي سگهي ٿو، هنن اهو پڻ ٻڌايو ته سنڌيءَ ثقافتي ڏينهن رڳو عمرڪوٽ يا سنڌ ۾ نه پر پاڪستان جي ٻين صوبن، وڏن شهرن ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ به عقيدت، محبت ۽ وڏي احترام سان ملهايو پيو وڃي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌيءَ تهذيب سرحدن کان ٻاهر هڪ عالمي سڃاڻ رکي ٿي، تقريب ۾ مرلي نواز ۽ جمن جوڳي مرليءَ جي سُرن سان ميڙو موڙهي ڇڏيو، ڪوڪ اسٽوڊيو مان مشهور ٿيل لوڪ فنڪاره صاحبه جڏهن "ڀينر سج نڪتو اونداھيءَ وئي هلي" سميت ٻيا ڪلاسيڪ گيت پيش ڪيا ته تاڙين ۽ ڌمال جو شور فضائن ۾ رمي ويو، فقير حاڪم عالماڻي ۽ فقير عباس لوڪ راڳ ڳائي محفل جي روحانيت ۾ واڌارو آندو، اديبن ۽ شاگردن جي شاعريءَ، گيتن ۽ تقريرن تقريب کي وڌيڪ روشن ڪيو، مهیش ڪمار ۽ پرڪاش ڪمار گيت ڳائي داد ماڻيو، جڏهن ته ھرچند ساگر، انور ساند، اجيت ڪمار، قمر زمان ۽ فرقان حميد شاعريءَ سان محفل کي فڪري رنگ ڏنو، قمر زمان سمون ۽ معشوق چانھيون سنڌ جي تاريخي ورثي ۽ قومي سڃاڻ تي جذباتي تقريرون ڪيون، زين العابدين ۽ رحمان مشتاق سنڌيءَ سرن تي رقص ڪري محفل جو ماحول گرمائي ڇڏيو، جڏهن ته نيمراج ميگھواڙ ۽ غني جي گيتن تقريب کي شاندار انجام ڏنو، شرڪت ڪندڙن چيو ته سنڌ جي ثقافت صديون پراڻي آهي جنهن جو تحفظ هر سنڌيءَ جو فرض آهي، اهڙيون تقريبون نوجوانن ۾ سڃاڻ، جذبي، ورثي ۽ تاريخ لاءِ محبت پيدا ڪن ٿيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو
0 تبصرے