ڪراچي: نور محمد برفت ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء پوليس جي چڙھائي. ڇڪتاڻ، شيلنگ، 7 ڳوٺاڻا گرفتار

پوليس جي ڪاهه دوران سوين مرد عورتون ۽ ٻارڙا سخت ٿڌ ۾ پنھنجا اجھا بچائڻ لاء روڊن تي نڪري آيا

ڪراچي: نور محمد برفت ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء پوليس جي چڙھائي. ڇڪتاڻ،  شيلنگ، 7 ڳوٺاڻا گرفتار

ڪراچي (اعجاز چانڊيو)ڪراچي. نور محمد برفت ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء پوليس جي چڙھائي. ڇڪتاڻ، شيلنگ. 07 ڳوٺاڻان گرفتار. علائقو ميدان جنگ، سوين مرد عورتون ۽ ٻارڙا سخت ٿڌ ۾ پنھنجا اجھا بچائڻ لاء روڊن تي نڪري آيا پوليس ۽ بلڊر مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تي غير قانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاء آھيا آھيون، ڪابه گرفتاري ناھي ڪئي. پوليس، عليڳڙھ بلڊر عدالت جو جواز ڏياريندي زبردستي اجھا مسمار ڪرڻ چاھي ٿو، ھر مھيني ۾ پوليس ٽي کان چار ڀيرا چڙھائي ڪري پريشان ڪري ٿي، نور خان برفت، تفصيل موجب. ڪراچي جي علائقي سپر ھائي وي ويجھو نورمحمد ڳوٺ تي ھڪ ڀيرو ٻيھر چڙھائي لاء پوليس جا وڏا اٽالا پھچي ويا. پوليس نورمحمد برفت ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء پھتي ته سوين مرد عورتون ۽ ٻارڙا سخت ٿڌ ۾ پنھنجا اجھا بچائڻ لاء روڊن تي نڪري آيا. فائرنگ ۽ شيلنگ سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، ست کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. سپر ھاء وي ڏانھن ايندڙ ويندڙ رستا بلاڪ، ھزارين ماڻھو ڦاسي پيا. ڳوٺاڻن پوليس ۽ بلڊر مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي نور خان برفت الزام لڳايو ته عليڳڙھ بلڊر عدالت جو جواز ڏياريندي زبردستي اجھا مسمار ڪرڻ چاھي ٿو ھنن ھر مھيني ۾ پوليس ٽي کان چار ڀيرا چڙھائي ڪري پريشان ڪري ٿي. بلڊر جي چرچ تي اسان جا قديمي ڳوٺ ڊاھڻ جي سازش ڪئي وئي آھي، ھن وقت به اسانجي ڳوٺ ۾ چارھزار کان وڌيڪ گھر ۽ پنجويھ ھزار جي آبادي موجود آھي. ٻي طرف پوليس چيو ته سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تي غير قانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاء آھيا آھيون، ڪنھن به ڳوٺاڻي کي گرفتار ناھي ڪيو. علائقي واسين سپريم ڪورٽ. سنڌ هاءِ ڪورٽ. پيپلز پارٽي جي قيادت. وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نور محمد ڳوٺ تي حملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي