ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو - هڪ عظيم ڪردار

تحرير: نزاڪت علي سومرو

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو - هڪ عظيم ڪردار

سنڌ جو ناليوارو اديب،استاد، محقق، لوڪ ادب۽ لسانيات جو پارکو عبدالڪريم سنديلو 06 اپريل 1919ع تي محرابِ خان جي گهر ۾ ڳوٺ محراب خان سنديلي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان ورتي، پاڻ ننڍپڻ کان ئي علم دوست، ذهين ۽ اعلي شخصيت جو مالڪ هو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو 1947ع ۾ پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو، 1952ع ۾ بي اي 1954ع ۾ ايم اي سنڌي پاس ڪيائين. ان ئي سال گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو جتي 1964ع کان 1974ع تائين پرنسپال رهيو. ڊاڪٽر سنديلو هڪ سال سيوهڻ ڪاليج جو پرنسپال رهيو 1975ع ۾ وري گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال ٿيو جتان 1979ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين.

سنديلي صاحب 1973ع ۾ علامه غلام مصطفي قاسمي جي رهبري ۾ " لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو " مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. اهي مقالو انسٽيٽوٽ آف سنڌولاجي 1986ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.هي 455 صفحن تي سنڌي ادب جو معياري ڪتاب آهي. هي پهريون محقق هو جنهن لوڪ ادب تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ڇو تہ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جو لوڪ ادب سان نينهن جو ناتو شروع کان ئي هئو. سنديلي لوڪ ادب تي تحقيق لاءِ ڪتاب کان گهٽ مواد ورتو، پر پاڻ لوڪ ادب جي سگهڙن کان جهر جهنگ جھاڳي لوڪ ادب جي سڀني صنفن جو مواد سهڻي نموني سهيڙي رکيو آهي.هن اڪيلي سر هڙان وڙان سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو.

1951ع ۾ هڪ ناياب ڪتاب "ويجهار" لکيائين جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. ان ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿيا آهن.

تحقيق اللغات سنڌي 1955ع ۽ ڏهس نامو 1969ع ۾ ڇپايو جن تي کيس انعام مليو. ادبي خدمتن جي عيوض کيس 1984ع ۾حڪومت طرفان تمغه امتياز ڏنو ويو.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي مشهور ڪتابن ۾ 1 وينجھار 1951ع هن ۾ لوڪ ادب جي سمورين صنفن جو فني تعارف ڏئي سهڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي. 2 تحقيق اللغات سنڌي 1955ع 3. سنڌ جو سينگار 1965ع هي ڪتاب لوڪ ادب جي صنف سينگار تي بابت آهي جنهن ۾ سينگار جي وصف ۽ سينگار جي شاعر ن جو تعارف ۽ بيت ڏنا ويا آهن ٻئي حصي ۾ لفظن جي معني ۽ لفظن جي نسل جي نشاندهي ٿيل آهي. 4. ڏهس نامو 1969ع هي ڪتاب بہ لوڪ ادب جي صنف سينگار تي مشتمل آهي هن ۾ ڏهس جا بيت ڏنل آهن. ڏهس ۾ ڏه تشبيهون ڏنل هونديون آهن. 5 ڪليات حسين ديدڙ 1971ع.6. ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي 1977ع 7. پهاڪن جي پاڙ. هي ڪتاب سنڌي پهاڪن تي ٻڌل آهي، هر پهاڪي جي وجود ۾ اچڻ، پس منظر، روایت، تاريخ ۽ واقعي جي کوجنا ڪري پيش ڪيو ويو آهي. 8. سامي سنديون سپون. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور شاعر سامي جا چونڊ سلوڪ ڏنا ويا آهن جن جي لفظن جي معني ۽ سمجھاڻي ڏنل آهي. 9. سامي ڌاتو ڪوش. سامي جي بيتن ۾ ڪم آيل انوکن لفظن جي لغت آهي. 10.سچل اللغات. هن ڪتاب ۾ سچل سرمست جي رسالي ۾ جيڪو لفظ استعمال ٿيا آهن.

انهن جي سمجهاڻي ۽ معني ۽ بنياد ڏنو آهي. 11. ڪليات شاه محمد ديدڙ 12. رهبر ديوان گل. 13.انگي اصول 14 ابتدائي سائنس 15. اصطلاحن جي اصليت. هي اصطلاحن جو ڪتاب آهي جنهن ۾ اصطلاحن جي معني ۽ سمجھاڻي ڏني وئي آهي. ۽ ڪجھ نصابي ڪتاب ،لطيفيات، گرامر جي موضوعن تي ڪتاب لکيل آهن.انهن کي علاوه سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا پڻ آهن. جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپيا.سچل اللغات ڪتاب تي کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو.ڊاڪٽر صاحب جو لوڪ ادب تي ڪيل ڪم پيڙه جي پٿر واري حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو کي مختلف ٻولين تي عبور حاصل هو. سندس لائبريري ۾ ڪيترا انمول ڪتاب آهن. جن۾ 250 کان 300 رڳو ڊڪشنريون آهن.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو 02 جنوري 1990ع تي 71 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. سندس ڪيل پورهيو ايندڙ نسل لاءِ مشعل راه آهي.