ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) احسن آباد پوليس چوڪي جي سامهون رڪشا ڊرائيورن طرفان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، ڌارين خلاف سخت نعريبازي، ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن کان رڪشا ھلائي روزگار ڪرڻ جو وسيلو به کسيو وڃي ٿو، وانا وزير ستان کان آيل پٺاڻ پوري ڪراچي جي ٽرانسپورٽ تي قبضو ڪري ويٺا آهن پر اسان سنڌي ماڻهن کان رڪشو ھلائي پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ به ڀتو گھريو وڃي ٿو، ڀتو نه ڏيڻ تي رڪشا ڀڃي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، بشير احمد رند، حاجن چانڊيو جون صحافين سامھون احتجاج،تفصيل موجب ايم 9 رڪشا ڊرائيورن جي صدر بشير احمد رند، حاجن چانڊيو، علي رضا رند، ٽڪري صابر علي رند، سماجي رھنما علي رضا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احسن آباد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ان موقعي تي انھن چيو ته اسان جا رڪشا ايم نائين جي نالي سان ڪافي سالن کان وٺي ھنڱورا ڳوٺ کان سرجاڻي اسٽاپ جي روٽ تي ھلن پيا، پر ٻن ٽن مهينن کان وانا وزير ستان جا آيل افغاني پٺاڻ افتخار مسعود، ولي مسعود، نصيب الله مسعود، نور عالم مسعود، شاھ فيصل مسعود، بدمعاشي ڪندي، زبردستي، ايم 10 جي نالي سان رڪشا زبردستي اسان روٽ تي رڪشا ھلائي اسان جي ڊرائيورن کان ڀتو گھرڻ لڳا، اسان پاران ڀتو نه ڏيڻ تي اسان جي رڪشن کي ڀڃي نقصان ڪندا رھيا، انھن چيو ته اسان سنڌي ماڻهن سان ايڏي ناانصافي ڇو آهي اسان ڌرتي ڌڻين لاءِ پيٽ گذر ڪرڻ جو رستو به تنگ ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ الائي ڪٿان کان ڌارين جي لوڌ اچي اسان جي اڏن اسٽاپن ته قبضو ڪري اسان کي ھڪ سازش تحت روزگار کان محروم رکيو وڃي ٿو، انھن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ اسان اھڙن بدمعاش دھشتگردن کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، رڪشا روٽ جي صدر بشير احمد بروهي وڌيڪ ٻڌايو ته ولي مسعود ۽ ٻين مون کان فقيرا ڳوٺ گھر ۾ اچي ھٿيار ڏيکاري ڌمڪي ڏيندي چئي ويا ته 5 لک رپيا ڀتو پھچائي وڃ ٻئي صورت ۾ توکي اغوا ڪري خون ڪنداسين، ان چيو ته مون پنهنجي حد جي ٿاڻي سائٽ سپر ھائي وي تي درخواست ڏيئي ڇڏيو ايس ايڇ او کي ڪاروائي چيو آهي ، انھن وڌيڪ چيو ته اسان وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ايسٽ کي گذارش ڪيون ٿا ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس چوڪي احسن آباد جي انچارج کان موقف ورتو ويو ته ان چيو اسان پٺاڻن جا پنج رڪشا قبضي ۾ وٺي بند ڪري ڇڏيا آهن، جن کي چالان ڪيو ويندو، چوڪي انچارج چيو ته قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ڏنو ويندو،
0 تبصرے