پروفيسر اياز قادري "سنڌي ادب جو وهائو تارو"

نزاڪت علي سومرو

پروفيسر اياز قادري

محقق ،ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ماهر تعليم ڊاڪٽر اياز حسين قادري ولد فقير غلام سرور 19 جنوري 1926ع تي ميان جي ڳڙهي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو سندس پيءُ بہ غزل جو بهترين شاعر هو ۽ تعليم کاتي ۾ ملازم هو. پروفيسر اياز قادري اڃان پنجن سالن جو هو تہ سندس والد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. قادري خاندان ۾ ٽي صاحب ديوان شاعر رهي چڪا آهن. قادري صاحب جو علمي ادبي ڪٽنب سان تعلق هو سندس نانو ۽ مامو ادبي دنيا جا ماڻهو هئا، اياز قادري لاڙڪاڻي مدرسه هاء اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي. پوء بي اي آنرس، ايم اي فارسي، ايم اي سنڌي ۽ ايل ايل بي ڪراچي مان ڪئي. پاڻ پي ايڇ ڊي علامه غلام مصطفي قاسمي جي رهبري ۾ سنڌي غزل جي اوسر مقالو لکي ڊاڪٽري جي سند سنڌ يونيورسٽيءَ مان ورتي،پروفيسر اياز بنيادي طور شاعر هو، شاعري کيس ورثي ۾ ملي،

اياز قادري 1950ع کان 1970ع تائين ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار جي عهدي تي فائز رهيو. 1972 ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو باني اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جتان سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين، پروفيسر جي عهدي ۽ تان 1986ع رٽائرمينٽ ورتائين.

پروفيسر اياز قادري ڪراچي يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر ۽ آخر تائين چيئر جو صلاحڪار رهيو. هندستان جو ناميارو ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا پنهنجي مضمون "سنڌ جي سنڌي ڪهاڻي" ۾ لکي ٿو، منهنجي اڀياس موجب ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ نئين ڪهاڻي جو باني اياز قادري آهي.

پروفيسر اياز قادري جو ڪهاڻين جو مجموعو "بلو دادا" 1957ع ۾ ڇپيو هن کي سنڌي ادب ۾ اهم مقام حاصل آهي جنهن جي پهرين ڪهاڻي بلو دادا آهي. ان سميت سندس ڪهاڻين ۾ ڪمزور ماڻهن تي ٿيل ڏاڍائين خلاف آواز اٿاريو ويو آهي. سندس افسانن ۾ "بلو دادا" ۽ "مان انسان آهيان" کي تمام گهڻي مڃتا ملي. محترم غلام علي الانا، اياز قادري جي افسانا نويسي بابت "چونڊ سنڌي افسانا" لکي ٿو تہ اياز حسين قادري بہ هن دور جي افسانا نگارن مان هڪ آهي. هن جا افسانا هن ملڪ جي معاشري جي سماجي بدحاليءَ جون اگهاڙيون تصويرون آهن، هو زندگيءَ جي تلخ حقیقتن جو پڙدو هٽائي ٿو ۽ سماج جي خرابين، پراڻين رسمن ۽ جاگيرداري نظام خلاف احتجاج ڪري ٿو.

پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادري پنهنجي افسانن جي باري ۾ لکيو آهي، منهنجي افسانن جا پلاٽ نہ ڌاريا آهن، نہ خيالي، هي اهي تلخ حقیقتون آهن جن کي اسين پنهنجي زندگيءَ ۾ روز ڏسون ٿا،مون فقط ايترو ڪيو آهي جو انهن کي افسانوي رنگ ڏئي پيش ڪيو آهي.

اياز قادري جي افسانن جي ٻولي نهايت سليس هئڻ ڪري عوام جي هر طبقي تائين پهتي. سندس اها ڪوشش هئي تہ انسان اشرف المخلوقات آهي. انسان جي عظمت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي انهي ڪري ظلم سهڻ بہ ايڏو ئي وڏو جرم آهي جيڏو ظلم ڪرڻ. پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري 15 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪري ويو سندس آخري آرام گاهه اباڻي ڳوٺ ۾ آهي.ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي ڇپيل ڪتابن ۾( 1) بلودادا ڪهاڻيون 1957ع (2) مٽيءَ لڌو مان 1970ع (3) گورڪي جي آتم ڪهاڻي "ترجمو" 1977ع (4) پرين جون ڪهاڻيون 1979ع (5) عشقي داستان 1980ع (6) سنڌي غزل جي اوءسر 1984ع (7) اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ "خاڪا" (8) ڪلام شاھ عبداللطيف ڀٽائي "نثري ترجمو 1993ع (9) زلف اياز" شاعري " 2007ع (10)هر دور جي ڪهاڻي" ڪهاڻيون "2007ع